اسلام آباد-23 ڊسمبر (اي پي پي) حڪومتي ۽ پي ٽي آءِ جي ڪميٽين وچ ۾ سڌيءَ ريت ڳالهين جو عمل شروع ٿي ويو، جڏهن ته ايندڙ اجلاس 2 جنوري 2025ع تي ٿيندو، جنه?? ۾ ??ارٽر آف ڊيمانڊ به پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته قومي اسيمبلي??َ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته اسان ??اه??ون ٿا ته پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر سياسي ويڇي جو خاتمو ٿئي. ڪميٽي??َ جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مسلم ??يگ (ن) جي سينيٽ ۾ قائدِ ايوان سينيٽر عرفان صديقي گڏيل پڌرائي پڙهي ٻُڌائي. پارليامينٽ هائوس ۾ حڪومتي اتحادي ڪميٽي ۽ پي ٽي آءِ اتحادي ڪميٽي و?? ۾ ??الهين جي پهرين باضابطه ويهڪ ٿي. اسپيڪر اجلاس جي صدارت ڪئي. حڪومتي اتحادي ڪميٽي طرفان نائب وزيراعظم ۽ نائب پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، سينيٽر عرفان صديقي، راڻا ثناءُ الله، راجا پرويز اشرف، سيد نويد قمر، عبدالعليم خان ۽ ڊاڪٽر فاروق ستار شرڪت ڪئي. پي ٽي آءِ ڳالهين واري ڪميٽي طرفان اسد قيصر، راجا ناصر عباس ۽ صاحبزاده محمد حامد رضا شريڪ هئا. اسد قيصر آگاهه ڪيو ته ڳالهين واري ڪميٽي??َ جا باقي ميمبر عدالتي جاين يا ملڪ کان ٻاهر هئڻ سبب ان هنگامي اجلاس ۾ شريڪ ن?? ٿي سگهيا. ٻنهي مذاڪرتي ڪميٽين خير سگالي جو اظهار ڪندي اجلاس کي نهايت هاڪاري اڳڀرائي قرار ڏنو. هن اميد ظاهر ڪئي ته پارليامينٽ مسئلن کي حل ڪرڻ جو اهم فورم آهي ۽ ڳالهين واري عمل کي جاري رهڻ گهرجي. مخالف ڌر ڪميٽي پنهنجي شروعاتي مطالبن جو خاڪو پيش ڪيو. طئي ٿيو ته ايندڙ گڏجاڻي ۾ مخالف ڌر ڪميٽي لکت طور تي پنهنجا مطالبا ۽ شرطَ پيش ڪندي ته جيئن انهن دستاويزن جي روشني ڳالهيون اڳتي وڌي سگهن. اجلاس دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ جانيون قربان ڪندڙ شهيدن لاءِ فاتحه خواني ڪندي ان پُختي عزم جو اظهار ڪيو ته دهشتگردي??َ جي خاتمي جي جنگ ۾ اسان سڀ قوم سان گڏ بيٺل آهيون. ٻنهي ڳالهين وارين ٽيمن اسپيڪر جو شڪريو ادا ڪيو ۽ حڪومتي ڪميٽي??َ جي قيام ۽ ڳالهين جي عملي شروعات لاءِ سندن ڪوششن کي ساراهيو. گڏيل صلاح مشوري سان طئي ٿيو ته ايندڙ ڳالهين وارو اجلاس 2 جنوريءَ تي منعقد ٿيندو. ان کان اڳ اسپيڪر چيو ته حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ڪميٽين جو پهريون اجلاس سٺي ماحول ۾ ٿيو جنهن لاءِ حڪومتي ليڊرشپ ۽ ڪميٽي ۽ مخالف ڌُر جي ليڊرشپ ۽ ڪميٽي??َ جا شڪرگذار آهيون. اجلاس ۾ هاڪاري ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته گڏجي ويهي پاڪستان جي بهتري??َ جو عهد ڪريون ٿا ۽ ڪوشش به ڪنداسين، اسان سڀ ڪم ڪرڻ ??اه??ون ٿا، ان سان سياسي بهتري، جمهوريت مستحڪم ۽ پاڪستان کي پيش ايندڙ چئلينجن جي خاتمي جي اميد آهي. هن ٻُڌايو ته مخالف ڌر جي ڪميٽي ۾ نامزد ڪجهه ميمبر شريڪ ن?? ٿي سگهيا. ڪميٽي??َ جو ايندڙ اجلاس 2 جنوري تي ٿيندو جنه?? ۾ ??ارٽر آف ڊيمانڊ به کڻي اينداسين. هن ٻُڌايو ته مختصر گڏيل پريس پڌرائي آندي ويندي ته جيئن ان تي گهٽ کان گهٽ تبصرو ٿئي. هن گذارش ڪئي ته انهن ڳالهين واري عمل کي هاڪاري نظر سان ڏسو، اسان ??اه??ون ٿا ته ماحول سٺو رهي، اسان پاڪستان جي بهتريءَ لاءِ پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر سياسي ويڇي جو خاتمو ??اه??ون ٿا.
حڪومتي ۽ پي ٽي آءِ جي ڪميٽين وچ ۾ سڌيءَ ريت ڳالهين جو عمل شروع، ايندڙ اجلاس 2 جنوريءَ تي ٿيندو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو