نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف ۽ برطانوي وزيراعظم سرڪيئر اسٽارمر پاڪ برطانيا لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ مختلف شعبن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فرو?? تي اتفاق ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم م??مد شهباز شريف ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ حڪومت جي قدمن خاص طور تي ايف بي آر جي سڌارن ۽ ٽيڪس بيس ۾ اضافي، موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن سان پاڪستان کي درپيش مسئلن، پاڪستان جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قربانين ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم م??مد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي برطانيا جي وزيراعظم رائيٽ آنرايبل سرڪيئر اسٽارمر سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفن ل??ڳاپن ۽ دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ پاڪ برطانيا لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ مختلف شعبن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فرو?? تي اتفاق ٿيو. ملاقات ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ وزيراعظم م??مد شهباز شريف معاشي استحڪام کانپوءِ ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ حڪومت جي قدمن خاص طور تي ايف بي آر جي سڌارن ۽ ٽيڪس بيس ۾ اضافي تي روشني وڌي. وزيراعظم م??مد شهباز شريف ملاقات ۾ موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن سان پاڪستان کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قربانين جو ذڪر ڪندي چيو ته دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي جنهن جي تدارڪ جي لاءِ عالمي برادري کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم م??مد شهباز شريف پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان برطانيا جي ٽئين وڏي ملڪ ??و ذڪر ڪندي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن ۽ منصوبن تي روشني وڌي. برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ اهم ڪردار جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي عوامي رابطن جي فروغ ۽ متاسٽا سان گڏيل طور تي فائديمند ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
پاڪستان ۽ برطانيا جي وزيراعظمن پاران پاڪ برطانيا لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ مختلف شعبن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania