اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته پاڪستان جي معيشت مثبت رخ ۾ گامزن آه??، قوم سان واعدو آه?? ته ڪنهن کي 2014ع جي تاريخ ورجائي ملڪي معيشت کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين، تحريڪ انصاف پاڪستان جي معيشت تي ڪاري ضرب هنئي، سازشي عنصر ملڪي معيشت کي پٽڙي تان لاهڻ چاهين ٿا، چين جو وزيراعظم ٻطرفي دوري تي پاڪستان اچي رهيو آه??، سعودي عرب جو وفد جلد پاڪستان اچي رهيو آه?? جتي 2 ارب ڊالر جا معاهدا متوقع آه??، اسان جي ڪوششن سان ٽيڪس نيٽ کي سگهه ملي آه??، مهانگائي ۾ نمايان گهٽتائي ٿي آه??، روزگار جا موقعا پيدا ٿيا آه??، برآمدات وڌي آه??. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ 2 چيني انجنيئرز مارجي ويا جڏهن ته هڪ زخمي ٿيو، بشام کانپوءِ هي ٻيو افسوسناڪ واقعو هو، بشام واقعي کانپوءِ چين پاران انهن جي شهرين جي حفاظت جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي درخواست ڪئي وئي ۽ چين جي دوري دورا?? ان کي ان حوالي سان ٺوس خاطري ڪرائي هُئي. جيتوڻيڪ بدقسمتي سان گذريل ڏينهن اهو واقعو پيش آيو. پاڪستاني عوام ۽ حڪومت ان واقعي تي چيني عوام ۽ قيادت سان افسوس جو اظهار ڪريون ٿا. چين جي سفارتخاني وڃي چيني سفير سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻس تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته سڀني ڪوششن جي باوجود اهو واقعو پيش ٿيو، جنهن تي افسوس آه??، ان جو مطلب اهو نه آه?? ته اسان معاملن کي اتي ئي ڇڏي ڏي??ن، اسان جو عزم اڳ کان بلند آه??، سيڪيورٽي کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. وزيراعظم چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جو سربراهي اجلاس ٿي رهيو آه??، ان جي لاءِ هر ممڪن حفاظتي قدم کڻنداسين. ان حوالي سان سيڪيورٽي تي جامع ميٽنگ ٿي. ان سڄي صورتحال کان به چيني سفير کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته چين، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات ماضي وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر آءِ ايم ايف پروگرام ۾ اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو. وزيراعظم چيو ته هڪ طرف ملڪ ۾ ڌرڻا جاري آه?? ته ٻئي طرف ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم پاڪستان جو دورو ڪيو، ان سان مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي، حلال گوشت ۽ چانور جي برآمد جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. چين جي وزيراعظم جي متوقع دوري ۽ ڊگهي عرصي کانپوءِ پاڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي چيني شهرين کي هدف بڻائڻ جنهن جي ذميواري بي ايل اي قبول ڪئي آه??، افسوسناڪ آه??. وفاق جي مٿان چڙهائي جون ڌمڪيون ۽ الزام بازي جهڙي افسوسناڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي پئي وڃي. اهڙي طرح جا واقعا اسان کي ٻيهر 2014ع طرف وٺي وڃي سگهن ٿا. 2014ع ۾ ڊي چوڪ تي ٽن مهينن کان وڌيڪ جو ڌرڻو هنيو ويو، ان وقت چيني صدر جو پاڪستان جو دورو هو، ان جي باوجود تحريڪ انصاف ۽ ان جي قيادت ان جو ادراڪ نه ڪيو ته ان جي دوري جي ملتوي ٿيڻ سان ڪيترو نقصان ٿيندو، ان سان پاڪستان جي معيشت ۽ ساک کي نقصان پهچندو. حڪومت پوري ڪوشش جي باوجود اهو ڌرڻو ملتوي نه ڪيو، ان وقت سي پيڪ جي شروعات ٿي رهي هئي، جنهن تحت اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيڻي هئي، ان کان وڌيڪ پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جو ڪو ٻيو حربو نه پيو ٿي سگهي، قوم کي ان سازش جي خبر هجڻ گهرجي ته ڪهڙي طرح ملڪ جون پاڙون کوکليون ڪيون وي??ن، ان ڌرڻي جي ڪري 7 مهينن جي دير کانپوءِ اپريل 2015ع ۾ چيني صدر پاڪستان آيو، ان دور ۾ ملڪ ۾ 20، 20 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ هئي، اسان جون صنعتون بند ٿي رهيون هي??ن، برآمدات ۾ وڌيڪ مشڪلاتون هي??ن، جڏهن ته باني پي ٽي آءِ پنهنجو ضد نه ڇڏيو، اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر انهي تاريخ کي ورجايو پيو وڃي. اسلام آباد تي چڙهائي ڪئي پئي وڃي، اهي پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جا ناپاڪ ارادا آه??. وزيراعظم چيو ته اهو سڀ ڇو ٿي رهيو آه??، ان جي هر ڪنهن کي سمجهه آه?? ڇو ته ناڻي ٽيم جي شاندار ڪوششن ۽ ٽيم ورڪ سان آءِ ايم ايف جو پروگرام منظور ٿي چڪو آه??، مهانگائي جي شرح هڪ سال ۾ 32 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 6.9 سيڪڙو تي اچي وئي آه??، برآمدات ۽ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ٿيو آه??، آءِ ٽي برآمدات وڌي رهي آه??، اسٽاڪ ايڪسچينج تاريخ جي بلند ترين سطح تي آه??، هڪ جٿي کي پاڪستان جي تاريخ ۽ غريب جي بدلجندڙ حالت منظور نه آه??، مهانگائي جو بار گهٽ ٿيو، انهن کي خبر آه?? ته جيڪڏهن معيشت سنڀلجي وئي ۽ ملڪ پنهنجي پيرن تي بيهي رهيو ته پوءِ اسان کي ڪير پڇندو. هن چيو ته تازي احتجاج ۾ هڪ پوليس ڪانسٽيبل شهيد ٿيو، جتي افراتفري جو ماحول هوندو، ڌرڻا هنيا ويندا ته اتي ڪير سيڙپڪاري ڪندو، سيڙپڪاري اتي ٿيندي آه?? جتي حالتون پرسڪون هجن ۽ امن هجي. خيبرپختونخواهه جي وڏي و??ير جي سربراهي ۾ وفاق تي چڙهائي جون ڪارروايون جاري آه??، ان سان گڏ افغان شهري ۽ پوليس اهلڪار ۽ سرڪاري ملازم موجود هئا، جتان فائرنگ ڪئي وئي، جتي هڪ طرف ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ ايتريون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، عوام کي ان صورتحال کان آگاهه نه ڪرڻ زيادتي آه??. ملڪ جي معيشت جي بهتري جي رستي ۾ هڪ منظم سازش سان رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن. ان کان وڏي ملڪ دشمني ۽ زيادتي ڪا به نٿي ٿي سگهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف آءِ ايم ايف جي ايم ڊي جا پاڪستان جي لاءِ پروگرام جي منظوري تي ٿورا مڃيا. جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ساڻس ۽ آءِ ايم ايف جي سربراهه سان مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي. هن اسان جي 7 مهينن جي اقتدار جي دور جي سڌارن کي ساراهيو. هن چيو ته اسان جي ڪوششن فائيلرز جو انگ ٻيڻو ٿي چڪو آه??. ان جي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي وئي. ناڻي واري وفاقي وزير، ناڻي واري سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين جيڪو هڪ لائق آفيسر آه??، انهن سڀني جي محنت سان ٽيڪس نيٽ وسيع ٿي رهيو آه??. ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن ٿي رهي آه??. هتي سڌارا آندا پيا وڃن، انهن کي ان شيءَ جو ڏک آه??. بجلي جي صارفين کي 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏني وئي. پنجاب حڪومت پاران 55 ارب رپين مان 2 مهينن جي لاءِ سهولت ڏنيوئي. پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ مسلسل گهٽتائي ڪئي وئي جنهن سان غريب ماڻهو کي ريليف مليو. سعودي عرب مان وفد پاڪستان اچي رهيو آه??. ان سان 2 ارب ڊالر کان وڌيڪ جا معاهدا ٿيڻا آه??. انهن ڪوششن کي سبوتاز ٿيڻ نه ڏينداسين. 2014ع جي سازش کي هاڻي ورجائڻ نه ڏينداسين ۽ نه برداشت ڪنداسين. قوم سان واعدو آه?? ته ائين ٿيڻ نه ڏينداسين، فسادي هوش کان ڪم وٺن. گهيراءُ جلاءُ، گارگند ۽ قوم جي اندر ورڇ کانسواءِ انهن ڪجهه نه ڪيو. نواز شريف 20 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪيو. انهن 300 ارب ڊالر واپس آڻڻ ۽ ڪرپشن جي خاتمي جا نعرا هنيا جڏهن ته قوم ڏسي ورتو. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي خدمت هڪ سنجيده ڪم آه??. اڄ پاڪستان ۾ انگ اکر مثبت آه??، اتحادي حڪومت نواز شريف جي قيادت ۾ ان ۾ پنهنجو پورو حصو وجهي رهي آه??. دنيا ان جو اعتراف ڪري رهي آه??. آزاد نقاد به رخ جي درستگي کي تسليم ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته هڪ طرف دهشتگردن جي خلاف سيڪيورٽي فورسز منهن ڏئي رهي آه??. چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ فاصلا پيدا ڪرڻ جي لاءِ چيني شهرين کي نشانو بڻايو پيو وڃي. خارجي ۽ هتان جا دشمن گڏ ٿي چڪا آه??. انهن جي مالي مدد ڪٿان ٿي رهي آه??. هن چيو ته جيڪڏهن اسان اڃا به هوش کان ڪم نه ورتو ته پنهنجي دوست نما دشمنن کي نه سڃاتو ۽ 7 مهينن ۾ جيڪي ڪاميابيون حاصل ٿيون آه?? انهن جو تحفظ نه ڪيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ۽ معيشت کي نقصان ٿيندو. اسان کي اميد آه?? ته جيڪڏه?? ان رستي تي گامزن رهياسين ته پاڪستان پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪندو. ان جي لاءِ محنت بنيادي شرط آه??. باقي ڪنهن ذريعي سان ترقي ممڪن نه آه??. ڪابينا جي اجلاس ۾ تازو ئي دهشتگردي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج ۽ پوليس جي اهلڪارن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني به ڪرائي وئي. وفاقي و??ير احسن اقبال دعا ڪرائي.
پاڪستان جي معيشت مثبت رخ ۾ گامزن آهي، قوم سان واعدو آهي ته ڪنهن کي 2014ع جي تاريخ ورجائي ملڪي معيشت کي نقصان پهچائڻ نه ڏينداسين: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری