ڪراچي – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مهانگائي ۽ بيروزگ??ري تي ضابطو آڻڻ، معاشي استحڪام ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته حڪومت جي وقت سر ۽ موثر قدمن جي ڪري اسٽاڪ مارڪيٽ تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي، آءِ ٽي جي روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ مثبت آهي، ڪاروب??ري برادري جي معاونت سان ايندڙ 5 سالن دوران روانگي واپار کي ٻيڻو ڪرڻ جو پڪوپهه ڪيو آهي، نجڪ??ري جي عمل کي شفاف بڻائينداسين، ڪاروب??ري ماڻهن جي مشاورت سان اهڙي حڪمت عملي ٺاهينداسين جنهن سان صنعت کي فروغ ملي ۽ ڪاروب??ري برادري جا مسئلا حل ٿين، ايف بي آر کي مڪمل طور تي ڊيجيٽائيز ڪيو ويندو. ڪراچي ۾ ناليو??ري ڪاروب??ري شخصيتن سان ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته واپ??ري برادري سان ملي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، ڪاروب??ري طبقو معيشت جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، قومن جي زندگي ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، اهي ئي قومون زندهه رهنديون آهن جيڪي مشڪلاتن جو چئلينج سمجهي موقعن ۾ تبديل ڪن، اليڪشن کانپوءِ نئين حڪومت قائم ٿي آهي، سنڌ ۾ پيپلزپارٽي، وفاق ۾ مخلوط، پنجاب ۾ مسلم ليگ (ن)، بلوچستان ۾ اتحادي ۽ خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جون حمايت يافته حڪومتون قائم آهن، ذاتي پسند ۽ ناپسند کان مٿانهون ٿي ملڪ جي بهترين مفاد ۾ سوچڻو پوندو، مشڪلاتن کي چئلينج سمجهي انهن جو مقابلو ڪنداسين، اسان کي ملڪي مسئلن جو ادراڪ ڪرڻو پوندو ۽ انهن جي حل لاءِ گڏجي اڳتي وڌڻو آهي ۽ ملڪ کي وڃايل مقام حاصل ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته ڪاروب??ري برادري جي مشاورت سان ڪارائتيُون پالي??يو?? ٺاهڻ جا خواهشمند آهيون ته جيئن اسان پنهنجي برآمدي صنعت کي بهترين بڻايون ۽ ان جا مسئلا حل ڪ??يو?? ۽ اهو پڪوپهه ڪرڻو آهي ته ايندڙ 5 سالن دوران پنهنجي روانگي واپار کي ٻيڻو ڪنداسين، اهڙي طرح زرعي شعبي ۾ انقلاب آڻينداسين، معدنيات جي شعبي ۾ پڻ ترقي جي تمام گهڻي گنجائش موجود آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪ کي عالمي دنيا ۾ ان جو جائز مقام ڏيا??يو??، بيروزگ??ري ۽ ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪ??يو?? ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪ??ري ۾ اضافو ٿئي، اسان کي پنهنجي جيءُ ۾ جهاتيءَ پائڻ جي ضرورت آهي ڪنهن تي الزام نه ٿا هڻي سگهون، اڃا به دير ناهي ٿي، خاص طور تي چار پنج مختلف شعبن جي ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ان سلسلي ۾ موجوده دور جي تاريخ جا ڪيترائي مثال اسان وٽ موجود آهن، معاشي ترقي جي لاءِ ڪاروب??ري برادري جي تعاون جي ضرورت آهي، اسان ڪاروب??ري برادري جي مشاورت سان پالي??يو?? ٺاهينداسين ته جيئن پاڪستان جيڪو ترقي جي ڊوڙ ۾ پٺتي رهجي ويو آهي ان کي اڳتي وٺي وڃون، جيڪي ملڪ ترقي جي ڊوڙ ۾ اسان کان پٺتي هئا اهي اڄ ڪيترائي ڀيرا اڳتي نڪري چڪا آهن، اسان کي انڊسٽري کي مضبوط بڻائي روانگي واپار ۾ اضافو ڪرڻو پوندو، هن چيو ته مشڪلاتون ضرور آهن پر مسئلن تي ضابطو آڻڻ ناممڪن نه آهي، گڏيل مشاورت سان حڪمت عملي اختيار ڪري ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته اسمگلنگ جو مسئلو رڳو کنڊ، ڪڻڪ، ڀاڻ ۽ اسٽيل تائين ئي محدود نه آهي، هٿيارن جي پڻ اسمگلنگ ٿي رهي آهي، ٻيون ڪيت??يو?? ئي اهڙيون شيون آهن جيڪي اسمگل ٿي رهيون آهن ۽ اسان کي روينيو حاصل نه ٿي رهيو آهي، اهو هڪ انتهائي اهم مسئلو آهي جنهن جي حل تي اسان ڀرپور ڌيان ڏئي رهيا آهيون، ان ۾ وقت لڳندو پر اسان ان تي پورو ڌيان ڏنو آهي، کنڊ جي اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي تي ضابطو آڻڻ لازمي آهي. وزيراعظم چيو ته هن وقت اسٽاڪ مارڪيٽ بلند ترين سطح تي آهي ۽ مارچ ۾ آءِ ٽي جو روانگي واپار به بلند ترين سطح تي رهيو، ڪرنٽ اڪائونٽ به مثبت آهي، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي، ان موقعي مان فائدو کڻڻ جو واحد رستو اهو آهي ته ڪاروب??ري طبقي جا جيڪي به مطالبا آهن جنهن حد تائين اسان انهن کي پورو ڪري سگهون ٿا ڪ??يو??، روانگي واپار ۾ اضافي جي ذريعي اسان غيرملڪي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جو مسئلو حل ڪري سگهون ٿا، ايندڙ مهيني ڪاروب??ري برادري سان اجلاس ۾ معاشي ترقي جي لاءِ قدمن تي غور ڪيو ويندو ۽ جيڪي به مسئلا آهن انهن کي گڏيل مشاورت سان حل ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته اها ضمانت ڏيان ٿو ته نجڪ??ري جو عمل انتهائي شفاف هوندو، بيوروڪريسي جي رڪاوٽن کي اچڻ نه ڏنو ويندو، پي آءِ اي جي نجڪ??ري ۽ ايئرپورٽس جي آئوٽ سورسنگ جي معاملن ۾ جوائنٽ وينچر ٺاهي سگهجن ٿا، ڊسڪوز جي نجڪ??ري بابت فيصلو به مشاورت سان ڪيو ويندو، خس??ري ۾ ڪم ڪندڙ سرڪ??ري ادارن جي ڪري ساليانو اربين، کربين رپيا ضايع ٿي رهيا آهن، ڪاروب??ري برادري ان حوالي سان اڳتي وڌي، حڪومت جو ڪم پالي??يو?? ڏيڻ آهي، ڪاروبار ڪرڻ نه آهي. وزيراعظم چيو ته جيئن ئي اسان جي حڪومت اقتدار ۾ آئي آهي برآمد ڪندڙن کي 65 ارب رپين جا ريبيٽ ڏنا آهن، وقت اچي ويو آهي ته اسان معاشي ترقي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻيون ته جيئن پيداوار ۾ اضافو ٿئي، اسان سمورين اهم وزارتن ۾ عالمي مهارت رکندڙ ڪنسلٽنٽس جي مقرري ڪري رهيا آهيون، ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن جو عمل مڪمل ڪيو ويندو، ايندڙ مهيني سعودي عرب جو هڪ ٻيو اعليٰ سطحي ڪاروب??ري وفد پڻ پاڪستان جو دورو ڪندو. وزيراعظم چيو ته ڪاروب??ري برادري سان 2700 ارب رپين جا معاملا عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته قرض کڻي زندگي گذارڻي آهي يا عزت ۽ وقار سان جيئڻو آهي، ڪاروب??ري برادري حڪومت جو ساٿ ڏي، حڪومت انهن کي مايوس نه ڪندي. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وفاقي وزير پڻ موجود هئا.
حڪومت مهانگائي ۽ بيروزگاري تي ضابطو آڻڻ، معاشي استحڪام ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II