ڪرتارپُور – 23 – فيبروري (??ي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان سمورن سک ياترين جي آجيان ڪري ٿو، ڪرتارپور لنگهه ??من جي علامت آهي، ڪرتارپور لنگهه ??ان پاڪستان دنيا کي پيغام ڏنو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي، پاڪستان جو پيغام امن جو پيغام آهي. نارووال ۾ ڪرتارپور لنگهه ??ي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بين المذاهب هم اهنگي جي اهڙن وڌيڪ قدمن سان خطي ۾ امن کي هٿي ملندي، سک مذهب امن ۽ اتحاد، ماڻهن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ جو درس ڏنو آهي.
هن چيو ته سک ياترين جي آساني ۽ سهولت جي لاءِ پاڪستان جا قدم ساراهه ??وڳا آهن. صدر کي سي اي او پراجيڪٽ مئنيجمينٽ يونٽ ڪرتارپور صاحب ۾ سک ياترين جي سهولت لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني جنهن ۾ صدر کي سک مذهب ۽ ڪرتارپور صاحب جي تاريخ بابت ٻڌايو ويو. صدر ڪرتارپور صاحب ۾ مختلف جاين جو دورو ڪيو ۽ ياترين جي لاءِ ڪيل انتظامن کي ساراهيو. صدر پنهنجي دوري دوران ميوزيم ۽ لنگرخاني جو دورو پڻ ڪيو.