اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آءِ ايم ايف س??ن متفقه سڌاراجاتي ڪوششن جي لاءِ حڪومت جي مستقل عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي جنهن جو مقصد ڊگھي مدي ۾ پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ڪر?? آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ??ءِ ايم ايف جي مشن چيف ناٿن پورٽر ۽ پاڪستان جي لاءِ آءِ ايم ايف جي ريزيڊنٽ نمائندي ايسٿر پيريز ملاقات ڪئي ۽ کيس اسٽينڊ بائي معاهدي (ايس بي اي) جي پهرين جائزي تحت حڪومتي ٽيم سان فني سطح تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جي صورتحال کان ??گاهه ڪيو. ناٿن پورٽر پروگرام جي ٽه ماهي هدفن کي پورو ڪرڻ ۾ پاڪستان ??ڪومت جي ڪوششن جو اعتراف ڪيو. هن چيو ته سندس ڪوششن جي نتيجي ۾ فني سطح تي ڳالهه ٻولهه جو مثبت نتيجو نڪتو آهي. هن چيو ته ٻنهي ٽيمن ايس بي اي جي مختلف رخن تي وسيع ڏس ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. هنن فني سطح تي ڳالهه ٻولهه ۾ ناڻي واري و??ير ۽ سندس ٽيم ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر سان گڏ سندس ٽيم جي ڪردار کي ساراهيو. نگران وزيراعظم پاڪستان ??ان ??اري ڪم تي آءِ ايم ايف جي ٽيم جا ٿورا مڃيا ۽ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري و??ير جي قيادت ۽ پروگرام کي اڳتي وڌائڻ ۾ سندس ٽيم جي تعاون کي ساراهيو. هن اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي گورنر جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. نگران وزيراعظم آءِ ايم ايف س??ن متفقه سڌاراجاتي ڪوششن جي لاءِ حڪومت جي مستقل عزم جو ورجاءُ ڪيو جنهن جو مقصد ڊگهي مدي ۾ پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ڪر?? آهي. ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري نگران وفاقي و??ير شمشاد اختر، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ??و گورنر، چيئرمين فيڊرل بورڊ آف روينيو ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار موجود هئا.
نگران وزيراعظم پاران آءِ ايم ايف سان متفقه سڌاراجاتي ڪوششن جي لاءِ حڪومت جي مستقل عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : گرم گرم