اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ??اڪ??تان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ميڊيا، ڊرامن، فلم سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته فلم ۽ ڊراما ڪنهن به ملڪ جو عالمي سطح تي تشخص بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، ??اڪ??تان ترڪيه سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ??اڪ??تان ۽ ترڪيه سدائين مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل ??اڪ??تان ۾ مقرر ترڪ سفير مهمت پ??اج?? سان ڳالهائيندي ڪئي. ملاقات ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون بابت معاملن تي خيالن ج?? ڏي وٺ ٿي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري، ثقافتي، سياحت ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ٿيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وز??ر ترڪيه ۾ تازي بم ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردي جو درد اسان محسوس ڪيو آهي، ترڪيه به ان درد ۾ ورتل آهي، اسان مضبوط ملڪ آهيون، دهشتگردي جا واقعا اسان کي هڪ قوم طور ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. ملاقات ۾ ??اڪ??تان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ميڊيا، ڊرامي، فلمز جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته فلم ۽ ڊراما ڪنهن به ملڪ جو عالمي سطح تي تشخص بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ترڪ ڊراما ??اڪ??تان ۾ تمام گهڻا مقبول آهن، ترڪيه سان گڏجي فلمون ٺاهڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته ترڪيه جا فلمساز ??اڪ??تان ۾ فلم انڊسٽري جي شعبي ۾ ٽيڪس مراعتن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. ??اڪ??تان جا اتريان علائقا قدرتي حسن سان مالامال آهن. ترڪيه جا فلمساز انهن خوبصورت سياحتي علائقن ۾ فلمبندي ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته ??اڪ??تان ۽ ترڪيه گڏجي پنهنجي ثقافت کي فروغ ڏين. ان ڏس ۾ پاڪ چائنا سينٽر ۾ گڏيل فلمون پڻ ڏيکاري سگهجن ٿيون. ان موقعي تي ڳالهائيندي ترڪ سفير چيو ته ??اڪ??تان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ميڊيا سميت زندگي جي هر شعبي ۾ تعاون موجود آهي. اسان چاهيون ٿا ته ??اڪ??تان ۾ ترڪ فلمون به کڻي اچون. هن چيو ته جمهوريه ترڪيه پنهنجي 100 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته ??اڪ??تان سان گڏجي انهن تقريبن کي يادگار بڻايون. ترڪ سفير علائقائي تعاون ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير جي دلچسپي کي به ساراهيو.
فلم ۽ ڊراما ڪنهن به ملڪ جو عالمي سطح تي تشخص بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی