اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب فنڪارن جي لا??ِ هيلٿ انشو??نس رجسٽريشن فارم جاري ڪندي چيو آهي ته حڪومت صحافين وانگر فنڪارن جي لاءِ پڻ هيلٿ انشو??نس پروگرام شروع ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جلد پاڻ فنڪارن کي هيلٿ ڪارڊ ڏيندو. هو فنڪارن جي لا??ِ هيلٿ انشو??نس رجسٽريشن فارم جاري ڪرڻ جي موقعي تي ڳالهائي رهي هئي. هن چيو ته 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي هيلٿ انشو??نس پروگرام جي لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن. صحافين جي لاءِ ان کان اڳ ويلفيئر فنڊ هو پر موجوده حڪومت هيلٿ انشو??نس جو پروگرام پڻ شروع ڪيو آهي. هن چيو ته فنڪارن سدائين پاڪستان جي ثقافت، تهذيب ۽ ادبي ورثي کي فروغ ڏنو، جهڙ?? طرح ڪلچر اسان جو ورثو آهي، اهڙ?? طرح فنڪار به اسان جو ورثو آهن. هن چيو ته صحافين وانگر فنڪارن جي لاءِ پڻ هيلٿ انشو??نس پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. فنڪار بي وسي جي حالت ۾ پڻ ڪنهن کي شڪايت نه ڪري سگهندا هئا، فنڪارن کي صحت جي جديد سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ آرٽسٽ هيلٿ انشو??نس پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. www.demp.gov.pk تي فنڪار پنهنجو پاڻ کي رجسٽرڊ ڪن. هن چيو ته صحت جي سهولتن تائين پهچ هڪ طريقيڪار ذريعي ٿي سگهندي، فنڪارن کي پرائيويٽ اسپتالن ۾ علاج جي سهولت ملي سگهندي. هن چيو ته وزيراعظم محرم الحرام کانپوءِ ان پروگرام کي باقاعده جاري ڪندو، ان کان اڳ سمورا فنڪار پنهنجي رجسٽريشن جو عمل مڪمل ڪري وٺن. هن ان پروگرام کي مڪمل ڪرڻ ۾ رهنمائي ڪندڙن جا ٿورا مڃيا.
حڪومت صحافين وانگر فنڪارن جي لاءِ پڻ هيلٿ انشورنس پروگرام شروع ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم پاڻ فنڪارن کي هيلٿ ڪارڊ ڏيندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک