اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي ته خيبرپختونخواهه کي ترقي ۽ امن جو گهوارو بڻائي رهنداسين، گذريل حڪومت خيبرپختونخواهه جي ترقي کي نظرانداز ڪيو، بجيٽ 24 – 2023ع ?? ضم ٿيل قبائلي ضلعن جي ترقي جي لاءِ خصوصي ق??م شامل ??يا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخواهه سان تعلق رکندڙ مسلم ليگي قيادت سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پارلياماني معاملن واري وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، وزيراعظم جي صلاحڪار انجنيئر امير مقام، سينيٽر پير ثاقب شاهه، قومي اسيمبلي ميمبرن ڪيپٽن محمد صفدر، سجاد احمد، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن شهاب الدين خان، جمشيد محمد، اورنگزيب نلوٺا شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. خيبرپختونخواهه جي ايندڙ چونڊن ۾ تفصيلي مشاورت پڻ ڳالهه ٻولهه جو حصو رهي. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي بجيٽ 24 – 2023ع ?? خيبرپختونخواهه ۽ قبائلي ضلعن جي ترقي جي لاءِ قدم شامل ??رڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چي?? ته خيبرپختونخواهه کي ترقي ۽ امن جو گهوارو بڻائي رهنداسين. گذريل حڪومت خيبرپختونخواهه جي ترقي کي نظرانداز ڪيو. بجيٽ 24 – 2023ع ?? ضم ٿيل قبائلي ضلعن جي ترقي لاءِ خصوصي ق??م شامل ??يا آهن. يقيني بڻائينداسين ته وفاقي حڪومت جي صحت ۽ تعليم جي منصوبن مان خيبرپختونخواهه جي عوام ڀرپور فائدو کڻي. وزيراعظم چي?? ته خيبرپختونخواهه جي باصلاحيت نوجوانن کي آسان شرطن تي ق??ض ۽ ليپ ٽاپ ڏينداسين. خيبرپختونخواهه جي آبادگارن کي معياري ٻج ۽ وقت سر ڀاڻ فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪنداسين. سرحدي ضلعن ۾ واپار ۾ سهولت فراهم ڪري ماڻهن جون معاشي مشڪلاتون ختم ڪنداسين.
خيبرپختونخواهه کي ترقي ۽ امن جو گهوارو بڻائي رهنداسين، گذريل حڪومت خيبرپختونخواهه جي ترقي کي نظرانداز ڪيو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب