اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيدالفطر جي موقعي تي ??يد??ن جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي. سزائن ۾ گهٽتائي جو اطلاق قتل، جاسوسي، رياست مخالف سرگرمين ۽ دهشتگردي سميت سنگين نوعيت جي ڏوهن ۾ سزايافته ??يد??ن تي نه هوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ج??ري پڌرائي موجب سزائن ۾ گ??ٽٽ??ئي جو اطلاق زنا، چوري، ڦر، اغوا، مالي ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين تي به نه هوندو. پڌرائي موجب سزائن ۾ گهٽتائي جو اطلاق 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي ??يد??ن ۽ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جي عورت ??يد??ن تي هوندو جيڪي هڪ ڀاڱي ٽيون حصو قيد ڪاٽي چڪيون هجن. اهڙي طرح 18 سالن کان گهٽ عمر جا ماڻهو جيڪي پنهنجي هڪ ڀاڱي ٽي سزا ڪاٽي چڪا آهن انهن تي به سزا ۾ گ??ٽٽ??ئي جو فيصلو لاڳو ٿيندو. صدر سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي.
صدر پاران عيدالفطر جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري
مضمون کا ماخذ : ریل رش