رحيم يار خان – 25 – جنوري (اي پي پي) گڏيل عرب امارات ??و صدر شيخ محمد بن زيد النهيان پاڪستان جي نجي دوري تي رحيم يار خان پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران پريس رليز موجب ايئرپورٽ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پنجاب جو نگران وڏو وزير سي?? محسن رضا نقوي ۽ وزيراعظم جو خاص معاون سي?? طارق فاطمي پڻ موجود هئا. ايئرپورٽ تي ملاقات ??وران ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات ??ي پنهنجي تازي دوري جو ذڪر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ??خت??ف شعبن ۾ طئي ٿيندڙ مفاهمت جي حوالي سان ڀرپور ڪم ڪيو ويندو. يو اي اي جي صدر شيخ محمد زيد النهيان چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته سندس والد پاڪستان ۽ ان جي عوام سان تمام گهڻي محبت رکندو هو، هو پاڪستان کي پنهنجو ٻي?? گهر سمجهي ٿو، هن وزيراعظم کي يقين ڏياريو ته گڏيل عرب امارات ??دائين پاڪستان سان گڏ بيٺل رهندو.
گڏيل عرب امارات جو صدر شيخ محمد بن زيد النهيان پاڪستان جي نجي دوري تي رحيم يار خان پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن