اسلام آباد – 08 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان ۾ انساني الميو هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌي رهيو آهي، سرد موسم ۾ افغانستان جا ماڻهو بدترين انساني بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن، 19 ڊسمبر تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس ۾ افغانستان جي ??ندر انساني الميي جي ??ورتحال تي ڌيان ڏنو ويندو، اسان جي ڪوشش آهي ته سعودي عرب سميت ٻين ڀائر ملڪن سان گڏجي ??هڙو ميڪنزم جوڙيو وڃي جنهن سان افغانستان جي ماڻهن جي مدد ڪري سگهجي. اهڙن ??يا??ن جو اظهار هن سعودي سفارتخاني جي ??هتمام هيٺ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته پاڪستان افغانستان جي هر ممڪن مدد ڪري رهيو آهي. اسان ٻه لک 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ افغانستان کي فراهم ڪري رهيا آهيون، پاڪستان افغانستان کان درآمد ڪيل 40 شين تي ڊيوٽي ختم ڪئي آهي، ان قدم سان افغانستان جي ڪاروباري ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۾ مدد ملندي، هن چي?? ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس بنيادي طور تي غير سياسي اجلاس هوندو جنهن ۾ صرف افغانستان جي ??نساني همدردي جي ??نياد تي مدد تي ڌيان ڏنو ويندو. چوڌري فواد حسين چي?? ته اسان جي ڪوشش آهي ته دنيا افغانستان جي مدد لاءِ گڏجي ويهي، افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ بحران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو. هن چي?? ته ”دي اڪانومسٽ“ گذ??يل مهيني پنهنجي ??پورٽ ۾ افغانستان جي ??ندر انساني الميي جو ذڪر ڪيو جيڪو يمن، شام ۽ عراق کان وڏو ٿي سگهي ٿو، اهڙي صورتحال ۾ اسان کي افغانستان جي ??وام جي مدد تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، هن چي?? ته اسان سياست تي بعد ۾ به ڳالهه ڪري سگهون ٿا پر افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ انساني الميي تي ڳالهه ڪرڻ ۾ دير نٿا ڪري سگهون. چوڌري فواد حسين چي?? ته وزيراعظم عمران خان سدائين افغانستان ۾ امن جي ڳالهه ڪئي آهي، اسان جي ??ڪومت افغانستان ۾ امن لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، هن ٻڌاي?? ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس 1980ع کانپوءِ پاڪستان جو سڀ کان وڏو پرڏيهي معاملن جو ايونٽ هوندو. جنهن۾ 27 ملڪن جا پرڏيهي وزير شرڪت ڪندا جڏهن ته 84 ملڪن جي نمائندگي هوندي. چوڌري فواد حسين چي?? ته سعودي عرب سان اسان جا ڀائراڻا لاڳاپا پاڪستان ٺهڻ کان پهرين جا قائم آهن، جڏهن سعودي عرب جو شاهه عبدالعزيز 1946ع ۾ ڪراچي آي?? ته آل انڊيا مسلم ليگ جي قيادت سندس استقبال ڪيو جنهن ۾ مرحوم ايم اي ايڇ اصفهاني به شامل هو.
افغانستان ۾ انساني الميو هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌي رهيو آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔