پشاور – 25 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٽيڪنيڪي، آءِ ٽي ۽ ورچوئل آن لائين تعليم جو فروغ پائيدار اقتصادي واڌ ۽ ترقي جي سان گڏوگڏ مقامي مارڪيٽن ۽ ٻاهرين ملڪ روزگار جي وڏن موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ اڻٽر آهي. انسٽيٽيوٽ آف مينيجمينٽ سائنسز (IMS) حيات آباد ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس جي 35 هين سالياني جنرل ميٽنگ ۽ ڪانفرنس ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي هن چيو ته موجوده منظرنامي ۾ عالمي علائقائي ۽ مقامي مارڪيٽن آءِ ٽي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ عصري ورچوئل آن لائن تعليم جي شعبن ۾ تيز رفتار ترقي تي زور ڏنو، هن چيو ته اسا?? کي انساني وسيلن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ پنهنجي نوجوان?? کي گهربل مهارتن سان ليس ڪرڻو آهي ته جيئن هو ملڪي ۽ عالمي منڊي?? کي مڪمل طور تي ڳولي سگهن. هن چيو ته عالمي ڪمپنيون پاڪستان ۾ آءِ ٽي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جون خواهشمند آهن ۽ اسا?? کي هنرمند انساني وسيلن جي ضرورت آهي جيڪي سيڙپڪارن جا مطالب?? کي پورو ڪن، صدر چيو ته ملڪ ۾ تعليمي نظام ۾ هڪ مثالي تبديلي کانسواءِ جوڙيل نقطه نظر ۽ ويز?? کي سگهه ڏئي سمورا ??عا??ي هدف حاصل ڪرڻ جي سموري صلاحيت موجود آهي، هن چيو ته ڪووڊ 19 وبائي مرض دوران وزيراعظم عمران خان جي ذهانت ۽ درو انديشي کي عالمي سطح تي ساراهيو وي??، هن وڌيڪ چيو ته حڪومت کي سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي نه رڳو لکين غريب ماڻه?? کي بک ۽ بيروزگاري کان محفوظ رکيو پر ملڪ جي معيشت تي ڪورونا وائرس جي اثر?? کي نمايان طور تي گهٽ ڪيو آهي. هن چيو ته تنقيد جي باوجود اسان مسجد?? کي بند نه ڪيو ۽ ڪووڊ 19 جي دوران نمازي?? کي پنهنجي مذهبي ذميداري?? کي پورو ڪرڻ جي اجازت ڏني. حڪومت جي ايس او پيز تي عملدرآمد جي پاليسي موثر ۽ انتهائي نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿي. صدر چيو ته هر صورت ۾ مالياتي فائد?? کي ترجيح نه ڏيڻ گهرجي پر غريب ماڻهن جي مدد لاءِ زندگي جي انساني رخن تي به غور ڪ??ڻ گهرجي. هن چيو ته سماجي اقتصادي عدم توازن ۽ دولت جي غير منصفاڻي ورڇ اسرندڙ ملڪن ۾ غربت جو هڪ وڏو سبب آهي جنه?? کي ??عا??ري ۾ برابري، انصاف ۽ ميرٽ کي فروغ ڏئي حل ڪري سگهجي ٿو. صدر عارف علوي چيو ته اسا?? کي عالمي ۽ علائقائي مارڪيٽن جي رجحانن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ ان موجب وڌ کان وڌ سرمائي لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن خيبرپختونخوا سميت ملڪ جي واپارين ۽ ڪاروباري ماڻهن تي زور ڏنو ته هو سڄي دنيا ۾ نئين منڊين جي ڳولا لاءِ آءِ ٽي پليٽ فارمز جو استعمال ڪن، هن چيو ته سائبر سيڪيورٽي هڪ نئين چئلينج طور اڀري آهي جنهن سان نوجوان?? کي جديد آءِ ٽي جي تعليم ڏئي منهن ڏئي سگهجي ٿو، صدر چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي عالمي حرڪت?? کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسان جي لاءِ سڀ کان مناسب چونڊ هڪ اهڙو نسل تيار ڪرڻو آهي جيڪو مصنوعتي ذهانت ۽ سائبر سيڪيورٽي جي علم سان ليس هجي، صدر عارف علوي چيو ته افغانستان ۾ امن پاڪستان لاءِ گهڻو ضروري آهي، افغانستان ۾ امن سان ٻنهي ملڪن جي سيڙپڪارن ۽ واپاري?? کي وڏي حد تائين فائدو پهچندو.
ٽيڪنيڪي، آءِ ٽي ۽ ورچوئل آن لائين تعليم جو فروغ وقت جي اهم ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے