اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪي معدنيات جي ذخيرن مان ڀرپور فائ??و کڻڻ جي لاءِ ٺـوس حڪمت عملي ٺاهي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن معدني ترقياتي پروگرام تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن حماد اظهر، اسد عمر، لاڳاپيل شعبي جي وفاقي ۽ صوبائي اعليٰ ??في??رن شرڪت ڪئي. اجلاس کي معدني ترقياتي پروگر??م جي نقطن ۽ تجويز ڪيل قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته شعبي کي درپيش مسئلن جي نشاندهي سان گڏوگڏ قانوني ۽ انتظامي ڍانچي ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي فروغ سان گڏوگڏ ماحولياتي تحفظ کي پڻ نظر ۾ رکي پروگر??م جوڙيو پيو وڃي. اجلاس کي ملڪي معدنيات جي ذخيرن تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏن?? وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ پهاڙي لوڻ، چوني جو پٿر، چيني مٽيءَ، سليڪا واريءَ ۽ ڪيترين ئي ٻين صنعتي معدنيات جا ذخيرا موجود آهن، پاڪستان ۾ ڪرومائٽ، تانبي، سون، چاندي، لوهه، ليڊ ۽ زنڪ جا ڌاتي ذخيرا پڻ موجود آهن. سنگ مرمر، گرينائٽ ۽ واريءَ جي پٿر جي پڻ وسيع زخيرن جي موجودگي کان اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پکراج، زمرد، رو??ي، ٽورمالين (ترمري) ۽ ايڪواميرائن (نيلگون بلور) جهڙا قيمتي پٿر ۽ ڪوئلي جا ذخيرا پن وڏي مقدار ۾ موجود آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته چنيوٽ ۽ ڪالاباغ ۾ لوهه جي ذخيرن تي سيڙپڪاري جي لاءِ حڪمت عملي حتمي مرحلن ۾ آهي. اجلاس کي چئين صوبن کانسواءِ گلگت بلتستان ۾ پڻ موجود ممڪن ذخيرن بابت آگاهه ڪيو ويو جڏهن ته شعبي جي ترقي لاءِ تحقيق جي فروغ لاءِ قدم پڻ پروگرام ۾ شامل هوندا. وزيراعظم پروگرام کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته معدنيات جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي، پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي ۽ ان مان فائ??و کڻڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.
حڪومت ملڪي معدنيات جي ذخيرن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ ٺـوس حڪمت عملي ٺاهي رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری