اسلام آباد -18 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان نه صرف پاڪستان بلڪه سڄي خطي لاءِ انتهائي اهميت جوڳو آهي. اجتماعيت جي حامل سياسي حل ذريعي افغانستان ۾ امن جو قيام خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ترقي لاءِ اڻٽر آهي. اهڙو اظهار هن ڪينيڊين پرڏيهي وزير مارڪ گارنيو سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. ڳالهين دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۽ افعانستان جي اڀرندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. هن چيو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افعانستان نه صرف پاڪستان بلڪه خطي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن ڪينيڊين پرڏيهي وزير کي افغانستان جي صورتحال تي متفقه راءِ عمل جوڙڻ لاءِ ڪيل هاڻوڪي چار ملڪي دور?? جي تفصيلن کان آگاه ڪيو. شاه محمود قريشي افغانستان ۾ اجتماعيت جي حامل سياسي حل جي ضرورت تي زور ڏيندي افغانستان ۾ امن جي قيام کي خط?? جي امن ۽ استحڪام ۽ ترقي لاءِ اڻٽر قرار ڏنو. هن عالمي ب??اد??ي تي زور ڀريو ته هو افغانستان جي معاشي ۽ انساني معاونت لاءِ اڳتي وڌن. هن چيو ته پاڪستان، افغانستان ۾ انساني الميي کي نظر ۾ رکندي افغانين کي هوائي زميني رستي امدادي سامان جي فراهمي جاري رکي آهي. پرڏيهي وزير افغانستان کي امدادي سامان موڪلڻ لاءِ انساني راهداري کولڻ بابت ڪينيڊين هم منصب کي آگاه ڪيو. هن چيو ته عالمي ب??اد??ي کي انهن ملڪن کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرج?? جيڪي وڏي عرصي کان لکين افغان مهاجرين جي ميزباني ڪندا پيا اچن. پرڏيهي وزير ٻه طرفن لاڳاپن جي نوعيت تي اطمينان ڪندي انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان ڪورونا وبا جي صورتحال م بهتر?? جي صورت ۾ پاڪستان ۽ ڪ??نيڊا وچ ۾ ايندڙ سياسي مشاورتي اجلاسن جا منتظر آهيون. پرڏيهي وزير ڪينيڊين پرڏيهي وزير سان هيملٽن ڪينيڊا ۾ پاڪستاني ڪيندين شهر?? جي مارجڻ ۽ ان جي 63 سالن جي والد فقير عل?? جي اغوا جو معاملو اٿاريو. ڪينيڊين پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي کي خاطري ڪرائي ته متاثر خاندان کي انصاف جي فراهمي لاءِ ڪينيڊين حڪومت معامل?? جي مڪمل جاچ ڪري رهي آهي. پرڏيهي وزير ڪينيڊين هم منصب کان مطالبو ڪيو ته وبائي صورتحال ۾ بهتري کي نظر ۾ رکندي شاگردن ۽ ڪاروباري شخصيتن جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ ويزا ايڊوائيزري تي نظرثاني ڪئي وڃي. ڪينيڊين پرڏيهي وزير افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو ۽ ڪابل مان ڪينڊين شهرين جي نيڪالي ۾ پاڪستان طرفان فراهم ڪيل معاونت تي پرڏيهي وزير ۽ پاڪستاني قيادت جو شڪريو ادا ڪيو. پرڏيهي وزير ڪينڊين هم منصب کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان افغانستان ۾ واپس?? جي عمل ۾ معاونت جو سلسلو جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي.
هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان نه صرف پاڪستان بلڪه خطي لاءِ اهم آهي: شاهه محمود قريشي جو ڪينيڊين هم منصب سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی