ملتان – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) خاتون اول ثمينه عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ فلاحي رياست بنائڻ لاءِ هر شخص کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. خصوصي ماڻهن تي ڌيان ڏئي کين معاشري جو ڪارائتو شهري بڻائي سگهجي ٿو، نيڪ نيتي سان شروع ٿيندڙ ڪم پنهنجي منزل ماڻي وٺندو آهي. چلڊرين ڪامپليڪس مل??ان ۾ ٻارن جي دل جي سر??ري جي شروعات ڪري اهم سنگ ميل عبور ڪيو آهي جنهن لاءِ هتان جي انتظاميه ۽ اين جي او ??بارڪن جا حقدار آهن. اهڙو اظهار هن چلڊرين ڪامپليڪس مل??ان ۾ سر??ري يونٽ جي افتتاح واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته منهنجي لاءِ اڄ خوشيءَ جو ڏينهن آهي جو آئون اڄ اوليائن جي ڌرتيءَ تي موجود آهيان. هتي اين جي او ”تاري زمين پر“ جي سي اِي او ??اديه ڪاشف انسانيت جي ڀلائي لاءِ قدر جوڳيون خدمتون سر??نجام ڏئي رهي آهي. هن چيو ته آئون معاشري ۾ هاڪاري تبديليون ۽ خدمتون سر??نجام ڏيندڙ سرندي وارن کي به گذارش ڪيان ٿي ته اهي به فاديه ڪاشف جهڙن منصوبن تي ڪم شروع ڪن.
پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ فلاحي رياست بنائڻ لاءِ هر شخص کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي؛ خاتون اول ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام