اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام دل ۽ جان سان ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي ۽ ڪنهن به قسم جو ظالماڻو ڏاڍ ۽ سفاڪيت ان جي عزم کي ڪمزور نه ڪري سگهيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ قومي روزاني ۾ لکيل پنهنجي هڪ آرٽيڪل ۾ ڪيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي آرٽيڪل ۾ لکيو ته هن سال 5 آگسٽ تي ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جي ڀ??رت?? هڪطرفي ۽ غير??ان??ني قدم کي ٻه سال ٿي ويا آهن. اهي ٻه سال ان تلخ ڳالهه جي ياد ڏيارين ٿا ته هن جديد دور ۾ به اسان جا ڪشميري ڀينر ڀائر هڪ سفاڪ فوجي قبضي هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. هي ڏينهن اسان کي ان ڳالهه جو به احساس ڏياري ٿو ته بهادر ڪشميرين جي آزادي جو جذبو جنهن جو بنياد انهن جي ابن ڏاڏن ڊوگرا راڄ جي خلاف پنهنجي آزادي جي تحريڪ ۾ وڌو، اڃا به تازو آهي. ڪشميري پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ گذريل 7 ڏهاڪن کان جدوجهد ڪر?? رهيا اهن ۽ ڪنهن به قسم جو ظالماڻو ڏاڍ ۽ سفاڪيت انهن جي عزم کي ڪمزور نه ڪري سگهيو. هن لکيو ته پاڪستان ۽ ان جي عوام دل ۽ جان سان ??نهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. اسان سدائين کان ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي لاءِ ڪوششون ڪر?? رهيا آهيون. پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق ۽ آزادي کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سدائين کان ??رعزم آهي ۽ رهندو. حڪومت ڪشمير مسئلي ۽ ڀارت پاران انساني حقن جي خلاف ورزين کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻ?? رهي آهي. ڪيترن ئي ڏهاڪن کانپوءِ پهريون ڀي??و ڪشمير تڪرار قومي سلامتي ڪائونسل ۾ بحث هيٺ آيو. عالمي سربراهن ۽ عالمي صحافين پاران ??الاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي ڀارت جي خلاف آواز بلند ڪيو ويو. آرٽيڪل ۾ اهو به لکيو ته وزيراعظم، سندس ڪابينا ۽ اسان جي پارليامينٽ ڀ??رت?? غير??ان??ني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع کان جاري ڀ??رت?? وحشياڻي ڪاررواين جي سخت مذمت ڪئي آهي. زميني صورتحال ۽ قابض ڀ??رت?? فوج جي هڪطرفي غير??ان??ني قدم مان اها ڳالهه ظاهر آهي ته ڪشميرين جي سڃاڻپ ختم ڪرڻ جو منصوبو زور شور سان جاري آهي. جبري طور تي آبادياتي تناسب تبديل ڪرڻ جي لاءِ صدي پراڻي شهريت جي ??ان??ن کي تبديل ڪرڻ انهي منصوبي جي هڪ ڪڙيءَ آهي. دنيا ۾ اهڙن قدمن سان ??قامي آبادي ۽ قابضن جي وچ ۾ تلخين ۾ سدائين اضافو ٿيو آهي. ڪشميري مسلمان ??نهنجي قابضين جي ان آبادياتي منصوبي کان چڱي ريت واقف آهن. ڀارت ان حڪمت عملي کي پهريون ڀي??و هند جي ورڇ جي مرحلي ۾ استعمال ڪيو. نومبر 1947ع ۾ مهاراجا جي سرپرستي هيٺ ڊوگرا ٽيم فوجي دستن ۽ آر ايس ايس جي بلوائين اٽڪل 3 لک ڪشميري مسلمانن جو وحشياڻو قتل ڪيو. اها خونريز نسل ڪشي ڄمون جي اٽڪل 10 لک ڪشميرين جي جبري لڏپلاڻ جو سبب بڻي. ماهرن جو چوڻ آهي ته اهو قتلام حڪومتي سرپرستي ۾ ڄمون، جتي مسلمان ڪل آبادي جو 60 سيڪڙو ۽ واضح اڪثريت هئي، جي آبادياتي تناسب کي تبديل ڪرڻ جو سوچيل سمجهيل منصوبو هو. ان ??سل ڪشي ۽ جبري لڏپلاڻ سان ڄمون ۾ مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ اهو مصنوعي آبادياتي تناسب اڄ تائين قائم آهي. اڄ هڪ ڀي??و ٻيهر اهڙي ئي هڪ خطري جا بادل ڪشميرين تي ڇائنج?? رهيا آهن. آبادياتي ڍانچي ۾ تبديلي کانسواءِ ڀ??رت?? حڪومت گذريل 131 سالن کان علائقي جي سرڪاري زبان اردو جو استعمال گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هڪ ??ان??ن منظور ڪيو آهي. عوامي جاين جا مسلمان ??الا به تبديل ڪيا پيا وڃن جڏهن ته جبري حدبندي جي ذريعي مسلمانن جي نمائندگي کي مصنوعي طور تي گهٽ ڪرڻ جا قدم ڪشميرين جي منفرد سڃاڻپ ختم ڪرڻ جي هڪ ٻي سازش آهي. اهي قدم ڀ??رت?? والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خواهشن جي ابتڙ آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جي هڪطرفي ۽ غير??ان??ني منسوخي سان ئي ممڪن ٿيا آهن. جيتوڻيڪ پاڪستان ??الاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀ??رت?? آئين جي ڪنهن به آرٽيڪل لاڳو ڪرڻ کي ڪڏهن به تسليم نه ڪيو، پر آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جي منسوخي جي نتيجي ۾ زميني صورتحال ۾ گهري تبديلي آئي آهي. اها ٻطرفن معاهدن ۽ عالمي قراردادن جي سنگين خلاف ورزي آهي. ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي دٻائڻ جي لاءِ ڀارت ظالماڻن قدمن ذريعي ڄمون ۽ ڪشمير کي هڪ جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اڄ هر ڪشميري تي هڪ ڀ??رت?? فوجي مڙهيل آهي. اڄ هزارين سياسي اڳواڻ، استاد، ڪارڪن، صحافي ۽ شاگرد ڪارن ??ان??نن ۽ ڪوڙن الزامن تحت جيلن ۾ قيد آهن. انهن سان غيرانساني ۽ اڻوڻندڙ سلوڪ جي ڪري انهن جي جان کي خطرو آهي. صدر لکيو ته بي جي پي حڪومت اهو ثابت ڪيو آهي ته هندوتوا نظريي سان ڪشمير جي سياسي تشخص، تاريخي ورثي، علائقائي امن ۽ عالمي قدرن کي خطرا آهن. بي جي پي جي اثر هيٺ ڀارت طاقت جي استعمال ۽ فوجي مهم جوئي جي ذريعي خطي ۾ بالادستي ۽ زميني حقيقتون تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انسانيت سوز ڪاررواين تان ڌيان ??ٽائڻ جي لاءِ ڀارت پاڪستان کي عالمي سطح تي بدنام ڪرڻ جي لاءِ هڪ منظم مهم شروع ڪري رکي آهي. ڀارت جي پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه مهم ۽ دهشتگردي جي پٺڀرائي تي پاڪستاني رپورٽ مان ??اضح آهي ته ڀارت اسان جي ملڪ ۾ دهشتگردي جي سرپرستي ڪر?? رهيو آهي. تازو ئي يورپي يونين جي عالمي شهريت يافته ڊس انفو ليب جعلي غيرسرڪاري تنظيمن ۽ جعلي ويب سائيٽس جي ذريعي گڏيل قومن ۽ يورپي پارليامينٽ کي گمراهه ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي چال جو پڙدو فاش ڪيو. اهڙي طرح هڪ عالمي ڀ??رت?? عهديدار به ايف اي ٽي ايف جي ٽيڪنيڪي فورم کي سياست زده ڪرڻ ۽ پاڪستان کي گري لسٽ ۾ برقرار رکڻ جي لاءِ ڀ??رت?? اثررسوخ استعمال ڪرڻ جو اعتراف ڪيو. ان ڏس ۾ پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ اهم سوال پيدا ٿين ٿا. اڄ اسان ??اڻ کان اهو سوال ڪرڻ تي مجبور آهيون ته ڇا موجوده ڀ??رت?? حڪومت هڪ ذميوار اڪائي آهي يا پوءِ هڪ شدت پسند هندوتوا راڄ، جنهن تي اعتماد نه ڪرڻ گهرجي؟ ڀ??رت?? فوجي تسلط جي خلاف ڪشمير جي مقامي آزادي جي جدوجهد کي سدائين کان عوامي حمايت حاصل رهي. پنهنجي تازين ڪاررواين جي ڪري پرتشدد هندوستان ??الاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پنهنج?? رهيل سهيل حمايت به وڃائي چڪو آهي. ظلم ۽ رياستي ڏاڍ جي مقابلي ۾ ڪشميرين سدائين بهادري، اڻٿڪ عزم ۽ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو. ڪشميري سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت تسليم ٿيل سياسي حق حاصل ڪرڻ تائين ڀ??رت?? تسلط جي خلاف منهن ڏيندا رهندا. پاڪستان ڪشميرين جي خراب حالت تي عالمي ضمير کي جنجهوڙندو رهندو. آئون عالمي دنيا کي اپيل سان گڏوگڏ انهن کي ان ڳالهه جي ياد ڏياريندو هلان ته اها ڪشميري عوام ۽ انسانيت جي قدرن تحت ڪشميرين کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق ڏيڻ جي پابند آهي. ڪشميرين سان ڪيل خودمختياري جي حق جو واعدو اڄ به اڌورو آهي. اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميري عوام کي ڀ??رت?? تسلط کان آزادي ملندي. انشاءَ الله.
پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام دل ۽ جان سان ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس