شيخوپوره – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وڏا خواب ڏسندڙ ئي وڏا ڪم ڪندو آهي، راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ جي ذريعي نئين پاڪستان جو تصور نظر اچي ??هيو آهي، ماضي جي حڪمرانن ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي هليا ويا، قرضن جي واپسي لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پيا جنهن سان مشڪلاتون اچي ??هيون آهن، هو راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ جي سنگ بنياد رکڻ کي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم چيو ته ??ون کي ان منصوبي ۾ نئين پاڪستان جو تصور نظر اچي ??هيو آهي، ان منصوبي ۾ سمورو پئسو نجي شعبي کان ايندو جڏهن ته حڪومت صرف سهولتون فراهم ڪندي، اوورسيز ان منصوبي ۾ سيڙپڪاري ۾ گهڻي دلچسپي وٺي رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن