اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پ??ڪس??ان تحريڪ انصاف ڪنهن شارٽ ڪٽ سان نه ??وام جي ووٽن ۽ ڪارڪنن جي جدوجهد سان اقتدار ۾ آئي آهي، اسان ئي پ??ڪس??ان کي ان بحران مان ڪڍنداسين، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي وارا ڪرپشن جو پئسو بچائڻ لاءِ گوڙ ڪري رهيا آهن، ا??هن جا مفاد پ??ڪس??ان جي مفادن سان ٽڪراءُ ۾ آهن، ا??هن موجب جمهوريت جو مطلب چوري بچائڻ آهي، ا??هن کي اين آر او ڪنهن به صورت ۾ نه ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن پ??ڪس??ان تحريڪ انصاف جي 23 هين يوم تاسيس جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته 23 سالا جدوجهد تي ڪارڪنن کي سلام پيش ڪريان ٿو، سياست ۾ لاها چاڙها ۽ سٺو ۽ خراب وقت ايندو رهندو آهي پر مسلسل جدوجهد سان ڪاميابي حاصل ٿيندي آهي، هن چيو ته سياست ۾ اچڻ کان پهرين الله مون کي شهرت ۽ عزت سان نوازيو هو، آئ??ن سياست ۾ خدمتن لاءِ آيو آهيان ڇو ته الله تعاليٰ مون کي ايمان سان نوازيو آهي ۽ منهنجي زندگي جو مقصد ذاتي فائدي مان نڪري ماڻهن جي خدمت آهي ڇو ته آئ??ن سمجهان ٿو ته آئون الله کي جوابده آهيان، جڏهن الله عزت ڏيندو آهي ته وڏي ذميداري به ڏيندو آهي ۽ ان ذميداري جي باري ۾ آخرت ۾ حساب ڏيڻو پوندو.
پاڪستان تحريڪ انصاف ڪنهن شارٽ ڪٽ سان نه عوام جي ووٽن ۽ ڪارڪنن جي جدوجهد سان اقتدار ۾ آئي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے