اسلام آباد – 03 جولاءِ (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ چيو آهي ته جمشيد مارڪر مرحوم تجربيڪار سفارتڪار هو، ڏکين چئلينجن کي حل ڪرڻ بابت سندس صلاحيتن جو عالمي سطح تي اعتراف ڪيو ۽ ساراهيو وڃي ٿو، مرحوم ملڪ جو ناليوارو سفارتڪار هو جن??ن پاڪستان جي قومي مفاد کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اڻٿڪ ??وششون ڪيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڳوڻي سفارتڪار کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب پرڏيهي آفيس ۾ منعقد ٿي. نگران وزيراعظم ان موقعي تي خاص مهمان هو. پرڏيهي وزير عبدالله حسين هارون مهمانن جي آجيان ??ئي جن ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو صدر سردار مسعود خان، ڪابينا ميمبر، سفارتڪار ۽ اڳوڻا سفير شامل هئا.
مضمون کا ماخذ : quina acumulada