اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي ج?? خلاف شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ اسان جي سرزمين تي دهشتگردن جا ڪي ڳجها ٺڪاڻا نه آهن. نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته دهشتگردي ج?? خلاف موثر ڪاررواين جي نت??جي ۾ دهشتگردن جي ڪارروايون ڪرڻ جي صلاحيت جو گهڻي حد تائين خاتمو آندو ويو آهي، وزيراعظم چيو ته رياست قومي سلامتي بابت چئلينجن کان چڱي ريت آگاهه آهي ۽ اندروني ۽ ٻاهرين مسئلن مان سرخرو ٿي رهي آهي، هن چيو ته دهشتگردن جي خلاف آپريشن ”رد الفساد“ معاشري کي انتهاپسندن جي ”سليپرز سيلز“ ۽ همدردن کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ جاري آهي.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری