انقره -03 جولائي (اي پي پي ) سع??دي عرب جي دفاع واري وزير شهزاده خالد بن ??لم??ن انقره ۾ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪئي. جنهن ۾ علائقائي ?? عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي . اردو نيوز موجب انقره ۾ ٿيل ان ملاقات ۾ سع??دي ولي عهد ترڪيه جي صدر کي سع??دي قيادت جو پيغام پهچ??يو ۽ ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جي خواهش جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي ناتن کي هٿي ڏيڻ جي طريقن جو جائزو ورتو ويو. ٻنهي اڳواڻن علاقائي ?? عالمي صورتحال بابت ٿيندڙ اڳڀرائي ?? ان حوالي سان ڪيل ڪوششن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي سع??دي دفاع واري وزير جي آفيس جو ڊائريڪٽر جنرل هشام بن عبدالعزيز بن سيف ، ترڪيه جي دفاع واري وزير ياسر گلر، چيئر مين آف ڊيفينس انڊسٽريل اٿارٽي ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هيا. سع??دي دفاع واري وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته سع??دي قيادت جي هدايت تي ترڪيه جي صدر سان ملاقات ڪئي ?? کيس پنهنجي قيادت جو پيغام ترڪيه جي صدر تائين پهچائڻ تي خوشي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته اسان ٻه طرفن ناتن جو جائزو ۽ ان کي مضبوط ڪرڻ جي طريقن ۽ تازي علائقائي ?? عالمي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
سعودي دفاع واري وزير پاران ترڪيه جي صدر سان ملاقات، علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena