ماسڪو-08 مارچ (اي پي پي) روس ڪيترن ئي آمريڪي سفارتڪارن کي ملڪ بدر ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.روس جي پرڏيهي وزارت موجب ماسڪو ۾ ??قر?? آمريڪي سفير لين ٽريسي کي ٻڌايو ويو ته روس ۾ ڪم ڪندڙ آمريڪي سفارتڪار جن کي روسي حڪومت پاران ناپسنديده قرار ڏنو ويو آهي ۽ مختلف غير سرڪاري تنظيمن سان ڪم ڪرڻ چاهين ٿا انهن کي ملڪ بدر ڪري سگهجي ٿو.بيان ۾ چيو ويو آهي ته روس جي پرڏيهي وزارت طرفان آمريڪي سفير کي طلب ڪري ان کي ٽن ا??ن جي اوز جي تبديل ٿيل قانوني حيثيت جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو آهي.روس جو موقف آهي ته انهن ا??ن جي اوز جن کي ماسڪو ۾ آمريڪي سفارتخاني جي حمايت حاصل آهي روس مخالف منصوبن تي ڪم ڪري رهيون آهن جن جو مقصد تعليمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي آڙ ۾ ايجنٽ ڀرتي ڪرڻ آهي.روسي پرڏيهي وزارت پاران آمريڪي سفير کي هڪ باضابطه نوٽ جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته اهي آمريڪي سفارتخاني پاران انهن پابندي پيل گروپن سان سمورا لاڳاپا ختم ڪن ۽ سفارتخاني جي ويب سائيٽ تان انهن ٽنهي ا??ن جي اوز بابت مواد کي ختم ڪن.روسي قانون موجب ناپسنديده قرار ڏنل ا??ن جي اوز جا ڪيترائي حق ختم ڪيا ويا آهن، اهي ا??ن جي اوز روس ۾ پنهنجون آفيسون کولي نيٿون سگهن ۽ نه ئي مالياتي نظام کي استعمال ڪري سگهن ٿيون. جڏهن ته اهي ا??ن جي اوز پنهنجي نالي سان ڪجهه به شايع نٿا ڪرائي سگهن.
روس جي آمريڪي سفارتڪارن کي ملڪ بدر ڪرڻ جي ڌمڪي
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ