بيجنگ – 05 مارچ (اي پي پي) چين جي 14هين قومي عوامي ڪانگريس جو ٻيو اجلاس بيجنگ جي عظيم عوامي هال ۾ شروع ٿي ويو. چيني ميڊيا گروپ مطابق چين جي صدر شي جن پنگ ۽ ري??ست?? اڳواڻن افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ري??ست?? ڪائونسل جي وزيراعظم لي ڇيانگ ڪانفرنس ۾ حڪومتي ورڪ رپورٽ پيش ڪئي. ورڪ رپورٽ مطابق چيني قيادت جي انٿڪ ڪوششن جي نتيجن ۾ گذريل سال دوران ملڪي معيشت جي بحالي ۾ مجموعي طور تي بهتري آئي آهي. جي ڊي پي ??و ڳاڻيٽو 1260 کرب يوآن کان وڌي ويو آهي جيڪو 5.2 سيڪڙو جو اضافو ظاهر ڪري ٿو جيڪو دنيا جي وڏي معيشتن جي اوسر ۾ شامل آهي. گذريل هڪ سال دوران شهري علائقن ۾ هڪ ڪروڙ 24 لک 40 هزار نئين ملازمون پيدا ڪيون ويون ۽ بي روزگاري جي اوسر 5.2 سيڪڙو رهي. صارفي قيمتن ۾ 0.2 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. ا??ائ??گين جو توازن بنيادي طور تي متوازن آهي. هلندڙ سال جي اهم ترقياتي هدف ۾ جي ڊي پي جي اوسر واري شرح لڳ ڀڳ 5 سيڪڙو تي برقرار رکڻ، ??هري علائقن ۾ روزگار جا وڌيڪ 12 ملين موقعا پيدا ڪرڻ، ??هري علائقن ۾ سروي ٿيل بي روزگاري جي اوسر کي لڳ ڀڳ 5.5 سيڪڙو تائين آڻڻ، ??ارفي قيمتن ۾ لڳ ڀڳ 3 سيڪڙو اضافو، شهرين جي آمدني ۽ معاشي اوسر ۾ بيڪ وقت اضافو، بنيادي ا??ائ??گين جو توازن، 1.3 ٽريلين کان وڌيڪ رکڻ، ??ناج جي پيداوار ۾ اضافو، جي ڊي پي جي في يونٽ توانائي کپت ۾ لڳ ڀڳ 2.5 سيڪڙو جي گهٽتائي ۽ ماحول جي معيار ۾ مسلسل بهتري شامل آهن.
چين جو جي ڊي پي 1260 کرب يوآن کان وڌي ويو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین