جڪارتا-21 ڊسمبر (اي ??ي پي) اوڀر انڊونشيا جي صوبي اولهه سولاويسي ۾ مسافر ٻيڙي گم ٿي وئي آهي، ٻيڙي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 28 ماڻهو سوار هئا. اي ايف پي موجب هڪ انڊونيشيا جي اهلڪار مقامي ميڊيا کي ٻڌايو ته امدادي ڪارڪن ان ٻيڙ?? جي ڳولا ڪري رهيا هئا جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 28 مسافر سوار هئا، ٻيڙي اربع ڏينهن اوڀر انڊونيشيا جي صوبي اولهه سولاويسي ۾ ماموجو ايجنس?? جي ڪناري تان گم ٿي آهي، انڊونيشي اداري ماموجو سرچ اينڊ ريسڪيو (ايس اي آر) جي سربراهه محمد رجال ٻڌايو ته شاد?? جي 28 مهمانن کي کڻي ويندڙ ٻيڙي ۾ امبو جزير?? جي پاڻي ۾ داخلا کانپوءِ رابطو ڪٽجي ويو هو. ٻيڙي مقامي وقت موجب صبح 10 وڳي ويجهو امبو جزيري کان رواني ٿي هئي ۽ ان جي شام 4 وڳي ماموجو جي پورٽ سمار?? جي مقام تي په??ڻو هو. ياد رهي ته انڊونيشيا جيڪو تقري??ن 17000 جزيرن تي ٻڌل ملڪ آهي ۾ حفاظت جي ڪمزور معيارن سبب سامونڊي حادثا عام آهن.
انڊونيشيا ۾ 28 مسافرن سميت ٻيڙي گم ٿي وئي
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔