جده -10 جولاءِ (اي پي پي) سعودي حج ۽ عمري واري وزارت چيو آهي ته ننڍي عمر وارا ماڻهو هاڻي اڪيلا عمري لاءِ سعودي عرب اچي سگهن ٿا، تنهن هوندي به انهن جي عمر 18 سالن کان گهٽ نه هئڻ گهرجي. سعودي اخبار مطابق حج ۽ عمري واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته سڀني عمره ڪمپنين ۽ ادارن کي چيو ويو آهي ته هو نئين عمره سيزن دوران پرڏيهه ??ان ايندڙ عمره ز??ئرين جي حوالي سان مقرره قاعدن ۽ ضابطن جي پابندي جاري رکن. وزارت چيو ته پرڏيهه ??ان ايندڙ عمره ز??ئرين جي عمر 18 سالن کان گهٽ نه هئڻ گهرجي. وزارت چيو ته عمره ڪمپنيون ۽ ادارا پرڏيهي زائرين لاءِ عمره پيڪيج جي دائري ۾ گهربل سهولتن جو انتظام ڪن. عمره ويزي جي جاري ڪرڻ لاءِ ملڪ ا??در ٽرانسپورٽ، انشورنس ۽ بنيادي خدمتن جي بڪنگ ضروري آهي. عمره پئڪيج جو وقت ملڪ ا??در عمره ز??ئرين جي قيام جي حقيقي عرصي مطابق هئڻ گهرجي، مملڪت ۾ داخل ٿيڻ جي تاريخ کان 90 ڏينهن تائين قيام ڪري سگهجي ٿو. عمره سيزن جي پڄاڻي جي حوالي سان انتهائي حد 29 ذوالقعد 1445هه ??وندي.
ننڍي عمر وارا هاڻي اڪيلا عمري لاءِ سعودي عرب اچي سگهن ٿا: سعودي حج ۽ عمري واري وزارت
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن