اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کان پوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 64 فوتگيون ٿيون، جنهن ??ان 25 فوتگيون وينٽيلرز تي موجود مريضن جو هيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 361 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 64 ماڻهو فوت ٿيا جنهن ??ان 58 ماڻهو ??سپتالن جڏهن ته 6 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 27 سيڪڙو، لاهور ۾ 36 سيڪڙو، پشاور 19 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 35 سيڪڙو ??ريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 34 سيڪڙو، ميرپور 23 سيڪڙو، گجرات ۾ 61 سيڪڙو ۽ لاهور ۾ 26 سيڪڙو ??ريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 40 هزار 906 ٽيسٽ ڪيا ويا جن ??ان سنڌ ۾ 10 هزار 918، پنجاب ۾ 16 هزار 2، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 51، اسلام آباد ۾ 5 هزار 153، بلوچستان ۾ 579، گلگت بلتستان ۾ 361، آزاد ڪشمير ۾ 842 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 ??ان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 39 هزار 888 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 230 مريض آهن.
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس بابت تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ