اسلام آباد-05 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن ??قوي ڊيرا اسماعيل خان ۾ خوارجي دهشتگردن جي فائرنگ ۾ ايف سي جي شهيد ٻن اهلڪارن کي خراجِ عق??دت پيش ڪندي چيو آهي ته اسان جون سموريون همدرديون شهيدن سان آهن، شهيدن جي پونئيرن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. گذريل ڏينهن گهرو وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته شيهد سپاهي شير الرحمان ۽ شهيد سپاهي سيد امين جي عظيم قربانيءَ کي سلام پيش ڪريان ٿو. ٻنهي شهيد?? دهشتگردن جي ناپاڪ عزمن کي خاڪ ۾ ملايو. هن چيو ته شهيدن جي پونئيرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا ۽ ز??مي سپاهين جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دعاڳو آهيون. هن چيو ته زخمي سپاهين جي ??لا?? ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي ويندي. ايف سي جي بهادر جوانن تي فخر آهي.
مضمون کا ماخذ : quina acumulada