لاهور-31 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته ??ک ياترين لاءِ اسان جا دروازا هميشه کُليل آهن، ??ک برادري جي ويزائن جا مسئلا حل ڪيا ويا، سک ياترين لاءِ ??اڪ??تاني ويزا فيس نه هوندي، ايندڙ سال ڪرڪيٽ چيمپئن ٽرافي ۾ ڀارتين لاءِ اسپيشل ڪوٽا رکي وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه آمريڪا مان آيل 44 رڪني سک ياترين جي وفد سان هتي اسٽيٽ گيسٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وفد جي اڳواڻي ڊاڪٽر دلوير سنگهه پنون، سرجيت سنگهه هوٿي ۽ ٻين ڪئي. وفاقي گهرو وزير چيو ته ??اڪ??تان آيل ??ک برادريءَ کي مسئلن کي مُنهن ڏيڻو پوندو هو پر ڪجهه عرصي ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ ??ک برادري جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ??اڪ??تان اچڻ جي خواهشمند سک ياترين کي ويزا اِشو جو مسئلو هوندو هو، اسان ??ک برادري جي سهولت لاءِ ويزائن کي آن لائن ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ??مريڪي، ڪئنيڊين ۽ يو ڪي پاسپورٽ رکندڙ ??ک برادري آن لائن فارم جمع ڪرائين ۽ 30 منٽن ۾ ويزا حاصل ڪن. آن لائن ويزا جي ڪا فيس ناهي، اها سهولت ڀارتي ڄاون آمريڪا، ڪئنيڊا ۽ برطانيه ۾ ترسيل ??ک برادري لاءِ پڻ آهي. هن چيو ته ??ک برادري لاءِ وڌيڪ سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي، ??وه??ن سال ۾ 10 ڀيرا ??اڪ??تان اچو هر ڀيري ??وه??ن کي ڀليڪار چونداسين. آن لائن ويزا لاءِ صرف فارم ڀرڻو آهي، ويزا 30 منٽن ۾ ??وه??ن جي هٿن ۾ هوندو. محسن نقوي چيو ته ??هڙيءَ طرح مسلمانن لاءِ سعودي عرب مقدس آهي اهڙيءَ طرح ??ک برادري لاءِ ??اڪ??تان، جڏهن ته هتي ??ک برادري جي ٻين ماڳن کي پڻ کوليو ويندو، وزٽ لاءِ اجازت نامي جي ضرورت نه هوندي. هن واضح ڪيو ته ??سن ابدال، ڪرتارپور، ننڪانه صاحب لاهور کان سواءِ ٻين ماڳن تي به وڃي سگهو ٿا. ان سلسلي ۾ جيڪي مسئلا آهن انهن کي حل ڪنداسين. تازن ڏينهن ۾ ??اڪ??تان حڪومت 124 ملڪن لاءِ ويزا فري ڪئي آهي. آمريڪا ۾ آيل سک ياترين جي وفد مهمان نوازي تي وفاقي وزير جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته فري آن لائن ويزا سروس سان تمام گهڻي سهولت ملي آهي. ان موقعي تي ناليوارو صنعتڪار ڪاشف اشفاق ۽ ٻيا عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا.
سک ياترين لاءِ اسان جا دروازا هميشه کُليل آهن، ويزائن جا مسئلا حل ڪري ڇڏيا آهن: محسن نقوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں