اسلام آباد-22 اپريل (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان ايراني گهرو وزير ڊاڪٽر احمد وحيدر ۽ ايراني قانون واري وزير امين حسين رحيمي ملاقات ڪئي. جنهن ۾ سيڪيورٽي تعاون، دهشتگرديءَ جي خاتمي، اسمگلنگ، بارڊر مئنجمينٽ، پاڪستاني ??ائ??ين لاءِ سهولتون ۽ قيدين جي مٽاسٽا سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيون. ان مو??عي تي گهرو وزير چيو ته ايراني صدر جو دؤرو پاڪستان ٻه طرفن ناتن جي حوالي سان انتهائي اهم آهي، پاڪستاني قوم ايراني صدر ۽ ان جي وفد جو پاڪستان ۾ آڌرڀاءُ ڪري ٿو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن طرفان دهشتگرد تنظيمن تي پابندي لڳائڻ جو اصولي في??لو ڪيو ويو. دهشتگردي ٻنهي ملڪن جو گڏيل مسئلو آهي، ٻنهي اڳواڻن دهشتگردي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گڏيل لائحه عمل تي اتفاق ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ گڏيل معاونت کي وڌيڪ بهتر بنائڻ ۽ انٽيليجنس ڄاڻ جي مٽاسٽا تي به ڳالهيون ٿيون. ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڪيورٽي معاهدي تي جلد کان جلد صحيح ڪرڻ جو في??لو ڪيو ويو. ملاقات ۾ اربعين جي موقعي تي پاڪستاني ??ائ??ين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جو في??لو ڪيو ويو. ايراني گهرو وزير ان سلسلي ۾ پاڪستاني هم منصب کي ايران جي دؤري جي دعوت ڏني. ان مو??عي تي عراقي هم منصب کي به دعوت ڏني ويندي. گهرو وزير ايران جي دؤر جي دعوت تي پنهنجي هم منصب جو شڪريو ادا ڪيو، ٻنهي طرفن جي قيدين جا ڏنڊ معاف ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو وزير چيو ته اسملنگ ٻنهي ملڪن لاءِ معاشي نقصان جو سبب آهي، اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ بارڊر مئنجمينٽ سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل واپاري رابطن کي هٿي ملندي. ايراني وزير چيو ته پاڪستان بارڊر جي فينسنگ جي حوالي سان بهترين ڪم ڪيو آهي. گهرو وزير ڪشمير مسئلي تي پاڪستاني مؤقف جي تائيد تي ايراني حڪومت جو ٿورو مڃيو. ايراني هم منصب ڊاڪٽر احمد وحيدي ۽ ايراني قانون واري وزير امين حسين رحيمي پاڪستان جي دؤري تي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازيءَ تي گهرو وزير جو ٿورو مڃيو.
گهرو معاملن واري وفاقي وزير سان ايراني هم منصب ۽ قانون واري وزير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2