اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڀ??رتي عملدارن پاران ڀ??رت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هڪ ٻ?? سياسي پارٽي ڄمون ۽ ڪشمير نيشنل فرنٽ کي غيرقانوني قرار ڏيڻ جي فيصلي جي سخت مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ان فيصلي کانپوءِ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرقانوني قرار ڏني ويندڙ ڪشمير?? سياسي پارٽين جو انگ 9 ٿي ويو آهي جن جي قيادت ۽ ڪارڪنن کي پڻ ظلم ۽ ڏاڍ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ترجمان چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير نيشنل فرنٽ جو چيئرمين نعيم احمد خان 2017ع کان ڀ??رتي جيل ۾ بند آ??ي. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اها جابراڻا قدم عالمي انساني حقن جي مڪمل خلاف ورزي ڪندي اختلاف راءِ ۽ اظهار راءِ جي آزادي کي دٻائڻ جي ڀارت جي مڪروهه ارادن جي عڪاسي ڪن ٿا. ترجمان چيو ته ڀارت ڪشميري پارٽين تان پابنديون فوري طور تي هٽائي، سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪري ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي س??امتي ڪائونسل جي قراردادن تي فوري عملدرآمد ڪري. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي س??امتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين ج?? سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
پاڪستان پاران ڄمون ۽ ڪشمير نيشنل فرنٽ کي غيرقانوني قرار ڏيڻ جي فيصلي جي سخت مذمت
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل