اسلام آباد – 03 –جولاءِ (اي پي پي) وقتي صدر سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي وزيراعظم جو ڌيان وفاقي ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ قوم جي شهيدن جُون يادگار قائم ڪرڻ طرف ڇڪرائيندي چيو آهي ته اسان تي فرض آهي ته اسان پنهنجي شهيدن کي عو??م خاص طور تي نوجوان نسل جي دلين ۾ زندهه رکون، هوائي اڏن، سرڪاري عمارتن، اسڪول، اهم رستن، ريلوي ا??ٽيشنز ۽ ٻين جاين تي پڻ شهيدن جون ??صو??رون ۽ پاڪستاني جهنڊا هنيا وڃن. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي نالي خط ۾ ان جو ڌيان وفاقي ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ يادگار شهداءِ ملت جي قيام طرف ڇڪرايو آهي. وقتي صدر چيو ته مڃيل حقيقت تي قطعي طور تي ٻي راءِ نه آهي ته ملڪ جي قيام جي لاءِ ڏني ويندڙ اسانجي ا??ن ڏاڏن جون قر??ان??ون لازوال آهن. ڌرتي جي ا??تحڪام ۽ بقاءَ جي لاءِ اسانجي شهيدن جون قر??ان??ون به وسارڻ جوڳيون نه آهن. هن چيو ته شهيد اسان جا محسن آهن، پاڪستان ۾ امن امان بهادر شهيدن جي لازوال قر??ان??ن جو نتيجو آهي، من حيث القوم اهو اسان تي فرض آهي ته اسان پنهنجي شهيدن کي عو??م خاص طور تي نوجوان نسل جي دلين ۾ زندهه رکون، وفاقي حڪومت، وفاقي سطح تي ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏجي صوبائي گادي وارن شهرن ۾ يادگار شهداءِ جي قيام کي يقيني بڻائي. هن چيو ته هوائي اڏن، سرڪاري عمارتن، اسڪول، اهم رستن، ريلوي ا??ٽيشنز ۽ ٻين جاين تي به شهيدن جون ??صو??رون ۽ پاڪستاني جهنڊا هنيا وڃن، ٻاهرئين ۽ اندرون ملڪ مان ايندڙ ملڪي ۽ غيرملڪي ماڻهو ڄاڻي سگهندا ته بحيثيت قوم اسان پنهنجي شهيدن جا ٿورائتا آهيون، مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن خاص طور تي شاگردن کي انهن يادگارن جي دورن سان حب الوطني جي جذبي کي سگهه مل??دي. هن چيو ته شهيدن جي مشن کي جاري رکڻ جو جذبو اسان جي نوجوان نسل جي دلين ۾ قائم ۽ دائم رهندو، اميد آهي ته توهان جلد کان جلد ان ڏس ۾ هدايتون جاري ڪندا جيڪا بهادر شهيدن کي خصوصي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ هڪ ننڍي ڪوشش هو??دي.
وقتي صدر پاران وفاقي ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ قوم جي شهيدن جُون يادگار قائم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي نالي خط
مضمون کا ماخذ : گرم گرم