ڪراچي- 15 جون (اي پي پي)پاڪ بحريه جو ??نڌ ۽ بلوچستان جي ڏورانهن سامونڊي علائقن ۾ قدرتي آفتن کان بچاءُ لاءِ وڏي پئماني تي امدادي آپريشن جاري آهي. پاڪ بحريه طرفان جاري پڌرائي موجب پاڪ بحريه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽ??من مقامي انتظاميه سان گڏجي طوفان سبب متاثر ماڻهن کي محفوظ ماڳن تي منتقل ڪيو ۽ کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪيون. پاڪ بحريه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽ??مون هن وقت تائين ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ، شاهه بندر، باگان، سجاول، چوهڙ جمالي ۽ جاتي شهر جي مختلف سامونڊي علائقن مان 17 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪڍي ورتو آهي. بلوچستان جي شهر اورماڙه ۾ ماهيگيرن جي 46 ٻيڙين کي اورماڙه نيول هاربر تي لنگر انداز ڪيو ويو آهي. پاڪ بحريه جا جهاز ۽ ايمرجنسي ريسپانس ٽ??مون سمنڊ ۽ متاثر علائقن ۾ گشت جا??ي رکيو آهي ته جيئن ضرورت پوڻ تي سمنڊ ۾ ڦاٿل ماڻهن جي وقت سر مدد ڪري سگهجي. سنڌ ۽ بلوچستان جي آفت سٽيل علائقن ۾ پاڪ بحريه جو ??ا??ي رليف آپريشن مشڪل گهڙي ۾ وطن واسين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي عزم جو ??بوت آهي.
پاڪ بحريه جو سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي طوفان سبب متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف آپريشن جاري
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری