منگلا – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز ??ري?? منگلا بجلي گهر جي يونٽ 5 ۽ 6 جي ريفربشمنٽ منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب منگلا بجيل گهر جي ريفربشمنٽ جي منصوبي تحت سمورن يونٽ ۾ 50 سال پراڻي مشينري لڳائي پئي وڃي. ريفربشمنٽ منصوبي جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ منگلا بجلي گهر جي صلاحيت 1000 ميگ??وا?? مان وڌي 1310 ميگ??وا?? ٿي ويندي جنهن جي نتيجي ۾ سالانو 5.6 بلين يونٽ صاف، ماحول دوست ۽ گهٽ لاڳت بجلي پيدا ڪئي ويندي. منصوبي جي پهرين مرحلي يعني 10 مان 6 يونٽس جي ريفربشمنٽ تي اٽڪل 90 سيڪڙو ڪم مڪمل آهي. ڪالهه سومر ڏينهن وزيراعظم يونٽ نمبر 5 ۽ 6 جي مڪمل ٿيڻ جو افتتاح ڪيو. مجموعي ط??ر تي 483 مل??ن ڊالر جي لاڳت سان جاري ان منصوبي ۾ يو ايس ايڊ پاران 150 مل??ن ڊالر جي گرانٽ، 90 ملين يورو جو اي ايف ڊي لون ۽ واپڊا پاران 178 مل??ن ڊالر فراهم ڪيا پيا وڃن. ان موقعي تي خاص معاون طارق فاطمي، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم سردار تنوير الياس، چيئرمين واپڊا ليفٽيننٽ جنرل (ر) سجاد غني، آمريڪا جو پاڪستان ۾ سفير ڊونلڊ بلوم، يو ايس مشن ڊائريڪٽر ريڊ ايسچليمين (Reed Aeschiliman) پڻ موجود هو.
وزيراعظم پاران منگلا بجلي گهر جي يونٽ 5 ۽ 6 جي ريفربشمنٽ منصوبي جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : اسٹریٹیجیا لاٹوفاسیل