اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل انتونيو گوتريس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي ڪابينا ج?? ميمبر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم سيڪريٽري ??نرل کي ٻڌايو ته پاڪس??ان کي عام حالتن جي تناسب کان وڌيڪ ٻوڏ درپيش آهي جيڪو موسمياتي طور تي پيدا ٿيندڙ قدرتي آفت جو خوفناڪ مظهر آهي. هن حڪومت پاران گڏيل قومن جي ادارن، عالمي برادري ۽ انساني همدردي جي تنظيمن سان گڏجي سڄي ملڪ ۾ 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ متاثرين تائين پهچڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي ڪئي ويندڙ امدادي ڪاررواين جو خاڪو پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته سيڪريٽري ??نرل گوتريس جو پاڪس??ان جو دورو هن نازڪ وقت ۾ پاڪستاني عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار آهي. وزيراعظم پاڪس??ان جي فلڊ ريسپانس پلان جي فنڊنگ جي لاءِ گڏيل قومن جي 160 ملين ڊالر جي ”فليش اپيل“ سميت عالمي امداد کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ سيڪريٽري ??نرل جي ڀرپور حمايت ۽ وڪالت کي ??ار??هيو. هن سيڪريٽري ??نرل پاران انهن ٻوڏن جي موسمياتي تبديلي جي اثرن سان تعلق کي اجاگر ڪرڻ جي پيغام کي ??ار??هيو. وزيراعظم چيو ته سيڪريٽري ??نرل جي قيادت ۽ وقت سر مداخلت تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ سنگين چئلينجن تي عالمي سطح تي آگاهي ۾ مدد ڏني. وزيراعظم ياد ڏياريو ته عالمي ڪاربن جي هڪ سيڪڙو کان به گهٽ اخراج سان پاڪس??ان عالمي حدت جي لاءِ سڀ کان گهٽ ذميوارن ۾ شامل آهي. ان جي باوجود هي موسمياتي تبديلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ٽاپ ٽين ملڪن ۾ شامل آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موسمياتي انصاف جي جذبي تحت پاڪس??ان عالمي برادري ??اص طور تي صنعتي ملڪن پاران ان موسمياتي آفت کي منهن ڏيڻ ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ تعاون جو حقدار آهي. ٻنهي اڳواڻن ٻوڏ کان متاثر آبادي جي بحالي جي مرحلي ۽ ٻوڏ سان تباهه ٿيندڙ علائقن جي نئين سر تعمير جي لاءِ پاڪس??ان جي منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم گڏيل قومن جي نظام ۽ ٻين عالمي حصيدارن جي مناسب مدد سان موافقت ۽ تخ??يف جي مختلف منصوبن سميت مستقبل ۾ موسمياتي خطرن جي خلاف لچڪ پيدا ڪرڻ جي پاڪس??ان جي عزم کي ورجايو. پاڪس??ان سان پنهنجي ڊگهي وابستگي کي ياد ڪندي سيڪريٽري ??نرل پاڪستاني عوام جي لاءِ پنهنجي بي پناهه جذبن جو اظهار ۽ تعريف ڪندي چيو ته هو پاڪستاني عوام جي سخاوت سان گڏوگڏ پنهنجي پاڪستاني رهواسين جي مدد ڪرڻ ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين لکين افغان پناهگيرن ج?? ميزباني ۾ انهن جي فراخدلي جو گواهه آهي. هن چيو ته هو ٻوڏ جي وڏي پئماني تي تباهي ۽ ان جي اثرن کان پريشان آهي. هن عالمي امداد کي متحرڪ ڪرڻ سميت پاڪس??ان کي مڪمل حمايت ۽ عزم جو يقين ڏياريو. سيڪريٽري ??نرل ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هي رڳو يڪجهتي جو نه پر انصاف جو سوال آهي. هن چيو ته بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ گهربل وڏي پئماني تي تعاون کانسواءِ موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي جلد، سنجيدگي ۽ ذميوارين سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن جا هو مستحق آهن. سيڪريٽري ??نرل گوتريس ملڪ ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ جي ڏس ۾ يڪجهتي جي لاءِ پاڪس??ان جي ٻن ڏينهن جي دوري ??ي آهي. وزيراعظم ۽ سيڪريٽري ??نرل بعد ۾ نيشنل فلڊ ريسپانس اينڊ ڪوآرڊينيشن سينٽر ۾ بريفنگ ۾ شرڪت ڪئي. سيڪريٽري ??نرل پنهنجي دوري ??وران ٻوڏ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن جو دورو پڻ ڪندو.
وزيراعظم سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے