اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي ل??ءِ ڊونرز ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته وز??راعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته عالمي ادارن کي ملڪ ۾ ٻوڏ جي تباهين تي بريفنگ ڏني وڃي ۽ انهن کي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران جاري ريليف ۽ بحالي جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو وڃي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف سرندي وارن کي پرائيم منسٽر فلڊ ريليف فنڊ ۾ دل کولي عطيا جمع ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي. بيان موجب وز??راعظم متاثر علائقن ۾ 40 هزار تنبو ۽ هڪ لک راشن جا پيڪيٽس فوري طور تي موڪلڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??راعظم چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي ۽ آبادڪاري جي ل??ءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. وز??راعظم لاڳاپيل سمور?? ادارن کي متاثر علائقن ۾ ريليف ۽ بحالي جي ڪمن کي تيز ڪرڻ جي ل??ءِ ايمرجنسي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وز??راعظم محمد شهباز شريف ملڪ ۾ ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي مدد ۽ بحالي بابت معاملن تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ جي ل??ءِ لاڳاپيل عملدارن جي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وز??ر احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وز??ر شيري رحمان، وز??راعظم جي صلاحڪار احد چيما، پنجاب جي صوبائي اسيمبلي ميمبر اويس لغاري، اين ڊي ايم اي چيئرمين جنرل اختر نواز ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي ڪاررواين کي وڌيڪ تيز ۽ موثر بڻائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania