اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري ايران جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي مشهد جو دورو ڪيو ۽ حضرت امام رضا عليه السلام جي روضي تي حاضري ڀري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب مشهد جي هوائي اڏي تي پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري جو استقبال خراسان رضوي صوبي جي گورنر جنرل يعقوب علي نظري ڪيو. پرڏيهي وزير مزار تي حاضري ڀري ۽ مهمانن جي ڪتاب تي صحيحون ??يو?? ۽ آستانه قدس رضوي جي متولي ۽ معتمد حجت الله والمسلمين احمد ماروي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير پرامن گڏيل بقاءَ، سمورن مذهبن جي احترام ۽ انسانيت جي ل??ءِ رحمت تي ٻڌل اسلامي تعليم جي حقيقي روح جي فروغ جي اه??يت کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري ايران جو دورو ڪندڙ پاڪستاني زائرين جي ل??ءِ انتظامن تي حجت الله احمد ماروي جا ٿورا مڃيا ۽ ايران ۾ انهن جي داخ??ا ۽ رهائش جي سهولت لاءِ گڏيل تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي امام رضا عليه السلام جي روضي تي حاضري
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں