اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ هفتي ترڪيءَ جو دورو ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي وزير جي ترجمان عاصم افتخار پريس بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌائي. ڀارت پاران ڪشميري اڳواڻ محمد ??اس??ن ملڪ جي گهرواريءَ مشعال ملڪ کي ان ??ان ملاقات جي اجازت ڏيڻ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته هي هڪ اهڙو مسئلو آهي جيڪو ڪيترن ئي سالن کان موجود آهي، ??اس??ن ملڪ جي گهرڀاتين کي ان ??ان ملڻ جي اجازت نه ڏني وئي جي ناقابل قبول آهي. هن چيو ته پاڪستان پاران ڪيترن ئي موقعن تي ان مسئلي کي انساني حق?? جي هاءِ ڪمشنر سميت مختلف فورمز تي اٿاريو ويو، ا??ان ان معاملي کي اٿاريندا رهنداسين ۽ ا??ان هر ممڪن تعاون ۽ سمورا ممڪن قدم کڻنداسين. ترجمان هفتيوار پريس بريفنگ ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران جاري ظ??م ۽ ڏاڍ ۽ انساني حق?? جي خلاف ورزين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو، هن اڄ سرينگر ۽ پلواما ۾ 4 بيگناهه ڪشميري نوجوان?? جي عدالت کان مٿانهون قتل جي سخت مذمت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ان کان اڳ بارهامولا ۽ ڪپواڙه ۾ نام نهاد گهيراءُ ۽ تلاشي جي ڪاررواين ۾ 4 ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو هو. هن چيو ته پاڪستا?? جي حڪومت ۽ عوام شهيد مير واعظ مولوي محمد فاروق ۽ شهيد عبدالغني لون کي خراج عقيدت پيش ڪيو جيڪي ترتيبوار 21 مئي 1990ع ۽ 21 مئي 2002ع تي ڀارتي قابض فوج جي هٿان شهيد ٿيا هئا. ترجمان چيو ته ڪشميرين ۽ انه?? جي قيادت کي ڏاڍ ۽ طاقت جي بي رحماڻي استعمال ذريعي خاموش ڪرڻ جا ڀارت جا ارادا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، محمد ??اس??ن ملڪ جي سزا تي والاريل ڪشمير ۾ جيڪو عوامي ردعمل آيو آهي ان ??ان ڪشميري?? جي جائز جدوجهد کي وڌيڪ سگهه ملندي. پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت تي زور ڏنو ته هو پنهنجي رياستي دهشتگردي کي روڪي، انساني حقن جون خلاف ورزيون فوري طور تي بند ڪري، هٿ ٺوڪي الزامن تحت حراست هيٺ سمورن ڪشميري اڳواڻن کي آزاد ڪري ۽ والاريل علائقي جو غيانساني فوجي گهيراءُ ختم ڪري. هن عالمي برادري، عالمي انساني حق?? جي تنظيمن خاص طور تي گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته اهي والاريل ڪشمير ۾ سنگين انساني صورتحال جو نوٽيس وٺن ۽ گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل کي يقيني بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ هفتي ترڪيءَ جو دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں