اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير چوڌري فواد حسين سان پاڪستان تحريڪ انصاف ڊينمارڪ جي صدر چوڌري عمران محبوب ملاقات ڪئي ۽ موجوده ملڪي ۽ سياسي صورتحال ۽ اهم پارٽي ??عاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي قومي معاملن ۾ دلچسپي ۽ ملڪ ۾ صاف ۽ شفاف نظام جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي اطلاعات واري و??اق?? وزير چيو ته ملڪي معاشي ترقي ۾ اوورسيز پاڪستانين جو اهم ڪردار آهي، اڄ اسان جا سفارتخانا اوورسيز پاڪستانين جي سهولت لاءِ انهن سان گڏ بيٺل ??هن. هن چيو ته اسان سدائين اوورسيز پاڪستانين جي مسئلن جي حل تي زور ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پي ٽي آءِ ڊينمارڪ جي صدر چوڌري عمران محبوب چيو ته آمريڪا ۽ يورپ سميت اوورسيز پاڪستانين ۾ وزيراعظم عمران خان مقبول ترين شخصيت آهي، ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪي ترقي جي لاءِ پراميد ??هن.
وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان پاڪستان تحريڪ انصاف ڊينمارڪ جي صدر چوڌري عمران محبوب جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس