اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪشميري عوام جون قربانيون رنگ لائينديون ۽ والاريل ڪشمير جي عوام جلد آزاد?? ماڻيندي. ڀارت پاران والاريل ڪشمير تي 27 آڪٽوبر 1947ع تي غيرقانوني قبضي جي حوالي سان ملهايل ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پورو پاڪستان ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي آزادي جدوجهد ۽ ڀارت ج?? رياستي ظلمن خلاف انهن جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ رهند?? ڪشميري ۽ سڄي دنيا ۾ رهند?? ڪشميرين ڪارو ڏينهن ملهايو ڇو ته ان ڏينهن ڀارتي فوج عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪندي ڪشمير ج?? رياست تي غيرقانوني قبضو ڪيو هو.
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی