اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) حڪومت بجلي چورن جي خلاف فوري ڪريڪ ڊائون ڪرڻ، ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جا ذخيرا ڳولڻ ۽ پيداو??ر تي خاص ڌيان ڏيڻ ۽ لاڳاپيل ڪمپني کي سيڪيورٽي جي حوالي سا?? درپيش مسئلن جي حل لاءِ فوري قدمن جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم عمران خان بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ بجلي جي شعبي ۾ چوري ۽ ٻ??ن نقصانن جي ڪري صارفين تي پوندڙ اضافي بار کي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري قدمن جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪنهن ٻئي جي چوري ۽ بدانتظامي جو نتيجو عوام ڀوڳي، اهو قابل قبول نه آهي. ان ڳالهه ج?? اظهار وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ انرجي ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ