پيرس-06 نومبر (اي پي پي) فرانس ۾ 7 خاندانن ٻارن کي نقصانڪار مواد سبب متاثر ڪرڻ جي ڏوهه ۾ چيني سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽڪ ٽ??ڪ تي ڪ??س داخل ڪيو آهي. اي ايف پي موجب فرانسيسي خاندانن سوشل ميڊيا پليٽ فورم خلاف عدالت جو رخ ڪيو آهي. انهن خاندانن جو چوڻ آهي ته سڄ?? دنيا ۾ اٽڪل 1.6 ارب صارفين وارو اهو پليٽ فارم ٻارن کي اهڙو مواد فراهم ڪري ٿو جيڪو انهن کي نقصان پهچائيندڙ، آپگهات ڪرڻ ۽ کاڌي پيتي جي عادتن ۾ خرابين ط??ف راغب ڪري ٿو انهن ۾ اهڙا خاندان به شامل آهن جن جي نياڻين آپگهات ڪيو ۽ 4 ??هڙا خاندان به آهن جن جو چوڻ آهي ته ٻارن ٽڪ ٽاڪ جي مواد جي اثر هيٺ آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم سان شڪايت ڪندڙ هڪ ٻئي خاندان جو چوڻ آهي ته ان ايپ سبب انهن جي ٻارکي کاڌي جو مسئلو ٿي ويو آهي.
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک