گڏيل قومون-26 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪش??ير بابت اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي رابطا گروپ ڪش??يري عوام جي خودمختياري واري حق لاءِ سندن جائز جدوجھد جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي آزاد ڪش??ير ۽گلگت بلتستا?? جي حوالي سان ڀارتي اڳواڻ?? جي غير ضروري دعوائن کي سختي سان رد ڪيو. اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل بيان ۾ ان ڳالھه تي زور ڀريو ويو آھي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ لوڪ سڀا قانون ساز اسيمبلي جون چونڊون ڪش??يري عوام کي خوداراديت وارو حق ڏيڻ جي متبادل طور تي ڪم نه ٿيون ڪري سگھن. بيان ۾ ان ڳالھه تي به زور ڀريو ويو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪش??يري عوام جي اميدن مطابق ڪش??يري تڪرار جي حتمي حل تي دارومدار رکي ٿو. اجلاس ۾ پاڪستان، ترڪيه، سعودي عرب، آذربائيجان ۽ نائيجر جي وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس جي صدارت او آءِ سي جي سيڪريٽري جنر?? حسين ابراھيم طحه ڪئي. اهو اجلاس گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي منعقد ٿيو آهي. اجلاس ۾ مختلف ملڪ?? جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.رابطه گروپ ۾ پاڪستا?? جي اڳواڻي دفاع واري وزير خواجه محمد آصف ڪئي. هن اجلاس ۾ شريڪ نمائندن کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ والاريل ڄمون ڪش??ير جي خراب ٿيندڙ صورتحال بابت آگاهه ڪندي چيو ته ڄمون ڪش??ير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون عروج تي آھن. گڏيل بيان ۾ 5 آگسٽ 2019ع يا ان کانپوءِ کنيل سمورن غير قانوني قدمن کي واپس وٺڻ، ڄمون ڪش??ير ۾ انساني حق?? جي مجموعي، منظم ۽ وسيع پيماني تي ڀڃڪڙين کي روڪڻ، تڪراري علائقن ۾ غيرقانوني آبادياتي تبديلين کي روڪڻ، گڏيل قوم?? جي خاص طريقيڪار، عالمي ميڊيا ۽ آزاد مبصرن کي خطي جو دورو ڪرائڻ لاءِ غير محدود رسائي جي اجازت ڏيڻ تي زور ڀريو ويو آھي. بيان ?? چيو ويو آهي ته ڀارتي حڪومت پاران گذريل سال ڊسمبر ۾ ڄمون ڪش??ير جي حيثيت بابت ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي اهو چئي رد ڪيو ويو ته ڄمون ڪش??ير جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪراري حثيت کي نقصان پهچائڻ لاءِ ملڪي قانون سازي ۽ عدالتي فيصلن کي استعمال نٿو ڪري سگ??جي. بيان ۾ حريت قيادت، ڪش??ير جي سياسي اميدن تي آواز ۽ ھزارين سياسي ڪارڪنن ۽ اختلاف راءِ رکڻ وار?? جي ڊگھي نظربندي، ڪيترين ڪش??ير جي سياسي جماعتن تي پابندي ۽ ڪش??ير جي ڪارڪن?? جي ملڪيتن کي ضبط ڪرڻ، اختلاف راءِ کي دٻائڻ ۽ آبادي کي ڊڄارڻ ۽ ڌميڪون ڏيڻ جي جاري مھم جي مذمت ڪئي وئي.بيان ۾ زور ڀريو ويو ته ڀارت ڄمون ڪش??ير ۾ پنهنجي فوج پاران انساني حقن جون ڀڃڪڙيون بند ڪري ۽ گڏيل قوم?? جي انساني حقن بابت ھاءِ ڪمشنر جي آفيس کي درخواست ڪئي وئي ته ھو ڀارت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ ڄمون ڪش??ير ۾ خراب ٿيل صورتحال جي نگراني جاري رکي. 2018ع ۽ 2019 ع جي پنهنجي رپورٽن کانسواءِ اتي جاري انساني حق?? جي خلاف ورزين تي ٽئين رپورٽ جاري ڪري.بيان ۾ گڏيل قوم?? جي جنرل سيڪريٽري ۽ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن کي درخواست ڪئي وئي ته اھي گڏيل قومن سميت عالمي فورمز تي ڪش??يري عوام جي حالتن کي اجاگر ڪن.
ڀارت جي غيرقانوني قبضي ھيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ بلدياتي چونڊون عوام جي خوداراديت واري حق جو متبادل ناھن: او آءِ سي رابطا گروپ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر