تهران -31 جولاءِ (اي پي پي ) ايراني صدر مسعو?? پيز شڪيان چيو آهي ته ڪجهه اولهه جا ملڪ ايران ۽ سعودي عرب و?? ۾ ??ختلاف پيدا ڪرڻ چاهي?? ٿا. ارنا نيوز مطابق هن تهرا?? ۾ ??عودي عرب جي وزير شهزاده منصور بن مطيب بن عبدالعزيز سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چيو ته اولهه جا ڪجهه ملڪ ايران ۽ سعودي عرب خلاف بدخواهيءَ جا خواهشمند آهن اهي پنهنجا ناجائز مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن و?? ۾ ??ختلاف پيدا ڪرڻ چاهي?? ٿا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي هوشياري، اتحاد ۽ يڪجهتي ذريعي ئي اهڙين سازشن کي ناڪام بڻائڻ گهرجي. سعودي وزير پنهنجي طرفان سعودي بادشاهه ۽ ولي عهد طرفان ايران جي صدر مسعو?? پيز شڪيان کي مبارڪون ڏيندي چيو ته ٻئي ملڪ مذهبي رشتن جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن.
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات