اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان يوم عاشور 10 محرم الحرام 1442هه جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ت?? اڄ سڄي دنيا ۾ مسلمان جگر گوشه بتول رضه، نواسه خاتم النبيين صلعي الله عليه وعلي آله و اصحٰبه وسلم، امامِ عالي مقام حضرتِ امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه جي شهادتِ عظميٰ جي بي مثال ۽ لازوال قرباني جي ياد کي تازو ڪري رهيو آهي، جيتوڻيڪ يوم عاشور مختلف لحاذن کان وڏي اهميت رکندڙ آهي تنهن هوندي به تاريخ اسلام ۾ ان ڏينهن کي هڪ ڌار تڪ??يم ۽ بلندي ۽ خاص اهميت ۽ انفراديت امام عالي مقام جي شهادت ۽ ڪربلا واقعه جي ڪ??ي حاصل ٿي آهي، هن چيو ته ڪربلا جو اهو عظيم معرڪو جيڪو حق ۽ باطل ۾ ٿيو اهو اسان کي اها ڳالهه سمجه??ئي ٿو ته اسلام جي اعليٰ قدرن جي فروغ ۽ اصولن لاءِ ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ڪرڻ ئي وڏي ڪ??ميابي آهي، وزيراعظم ??يو ته جذبه شبيري مسلمانن جي ايمان ۽ يقين، سچ??ئي ۽ اصول پسندي جي روايتن کي جلا بخشي ٿو، اهو اسلام جي ابدي پيغام ۽ جذبه قرباني جي لازوال ۽ روح پرور روايت جي آبياري جو سرچشمو به آهي جنهن جو مثال انساني تاريخ ۾ مشڪل سان ملي ٿو.
ڪربلا جو معرڪو اسان کي اها ڳالهه باور ڪرائي ٿو ته اسلام جي اعليٰ قدرن جي فروغ ۽ احيا لاءِ ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ڪرڻ ئي عزيمت ۽ ڪاميابي آهي: وزيراعظم جو يوم عاشور جي موقعي تي پيغام
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب