اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بي ا??تمادي رٿ اسپيڪر پنهنجا اختيار استعمال ڪندي رد ڪري ڇڏي آهي جنهن کانپوءِ صدر کي قومي ا??يمبلي تحليل ڪرڻ جي ايڊوائيس ڪري ڇڏي آهي، قوم نئين چونڊن جي تياري ڪري، اسان غيرملڪي ايجنڊا تي ڪروڙين ر??ين سان ضمير خريد ڪري حڪومت بدلائڻ جي سازش ۽ غداري ناڪام بڻائي آهي، قوم کي گهٻرائڻو نه آهي، مستقبل جو فيصلو ڪري، اهو فيصلو ڪنهن ٻاهرئين طاقت يا ڪرپٽ عنصرن کي ناهي ڪرڻو پر اهو فيصلو پاڪستاني قوم کي ڪرڻو آهي ته اها ڪنهن کي چونڊي ٿي، جيڪي ماڻهو اچڪن سبرائي ويٺل هئا انشاءَ الله انهن جا ڪروڙين ر??يا ضايع ويندا. قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته بي ا??تمادي جي رٿ غيرملڪي ايجنڊا هئي، ان ر?? کي ا??يمبلي مان رد ڪرڻ جي فيصلي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏيان ٿو، سڄي قوم ان صورتحال سان پريشان هئي، آئون قوم کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته الله هن قوم تي پنهنجون رحمتون نازل فرمائي. 27 رمضان تي هي ملڪ وجود ۾ آيو ان جي خلاف ڪا سازش انشاءَ الله ڪامياب نه ٿيندي. ڊپٽي ا??پيڪر پاران ڏنل رولنگ کانپوءِ مون صدر کي ايڊوائيس موڪلي ڇڏي آهي ته هو اسيمبليون تحليل ڪري ڇڏي. اسان فيصلو ڪيو آهي ته هڪ جمهوري معاشري ۾ اسان عوام وٽ وڃون ۽ اها فيصلو ڪري ته اها ڪنهن کي چاهي ٿي ته جيئن اڳتي ٻاهر جي سازش سان ڪرپٽ عنصر پئسن جي ٻورين سان ماڻهن جا ضمير خريد ڪر?? اهڙي قسم جي حرڪت نه ڪن. اهي ماڻهو جيڪي اچڪن سبرائي ويٺل هئا انهن جو اهو پئسو ضايع ٿي ويو آهي، آئون پئسا وٺندڙن کي چوان ٿو ته اه?? اهو پئسو ڪنهن پناهگاهه تي لڳائي ڇڏين. هن قوم کي چيو ته اها نئين چونڊن ۾ قوم جي مستقبل جو فيصلو ڪري. اهو فيصلو ڪنهن ٻاهر جي طاقت يا ڪنهن ڪرپٽ عنصرن کي ناهي ڪرڻو. صدر وٽ ايڊوائيس وڃڻ کانپوءِ اسيمبليون تحليل ٿي وينديون ۽ نگران سيٽ اپ قائم ??رڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو. هن چيو ته آئون الله جو شڪر ادا ڪريان ٿو ته قوم سان ڪئي ويندڙ ايتري وڏي سازش ناڪام ٿي آهي.
بي اعتمادي رٿ اسپيڪر پنهنجا اختيار استعمال ڪندي رد ڪري ڇڏي آهي جنهن کانپوءِ صدر کي قومي اسيمبلي تحليل ڪرڻ جي ايڊوائيس ڪري ڇڏي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados