اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ سلامتي جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته بامعنيٰ ۽ نتيجاخيز رابطا قائم ڪرڻ جي لاءِ سازگار ماحول جوڙڻ جي ذميواري ڀ??رت تي لاڳو ٿئي ٿي، گڏيل قومون ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي. پرڏيهي وزير ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدر ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي خط لکيو آهي جنهن ۾ هن غيرقانوني طور تي ڀ??رت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ خراب ٿيندڙ ??نس??ني صورتحال ۽ خطي جي امن ۽ سلامتي بابت مستقل خطرن کان آگاهه ڪيو ويو آهي. پنهنجي خط ۾ پرڏيهي وزير زور ڏنو ته 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڀ??رتي قدمن، جن ۾ قبضي هيٺ خطي ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪوشش به شامل آهي، عالمي قانونن، گڏيل قومن جي منشور ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي کليل خلاف ورزي آهي. پرڏيهي وزير غيرقانوني طور تي ڀ??رت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ وسيع پئماني تي ??نس??ني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين، عدالت کان مٿانهين ۽ جعلي مقابلن ۾ شهادتن جي تازي لهر کي اجاگر ڪيو. خط ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته ڀارت پاران گڏيل قومن جي ??نس??ني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس (او – ايڇ – سي – ايڇ – آر) کي غيرقانوني طور تي ڀ??رت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آزاداڻي جاچ جي لاءِ پهچ ڏيڻ کان انڪار قابض ۽ جابر حڪومتن جي پنهنجي ڏوهن کي لڪائڻ ۽ جوابدهي کان بچڻ جهڙو روايتي حربو آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي آر ايس ايس، بي جي پي جي قيادت پاران پاڪستان جي خلاف جنگي جنون کي تيز ڪرڻ ۽ قومي جارحيت جي ڌمڪين جو حوالو ڏيندي داخلي سطح تي سياسي حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ فالس فليگ آپريشنز جو ڊرامو رچائڻ جي ماضي جي ڀ??رتي طرزعمل کي بيان ڪيو.
پرڏيهي وزير پاران ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدر ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي خط
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری