اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ?? نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته حڪومتي ميمبر ۽ اتحادي گڏجي اڄ اهو ضمني بل منظور ڪرائيندا، مخالف ڌر کي ناڪامي ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا ??ان غي?? رسمي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. هن چيو ته مخال ڌر چئي رهي هئي ته اسان ضمني فنانس بل منظور نه ڪرائڻ ڏينداسين، اڄ مخالف ڌر کي ڀرپور ناڪامي ٿيندي. هن چيو ته سڄي قوم اڄ واري مخالف ڌر کي روئندو ڏسندي. اطلاعات ?? نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ضمني فنانس بل سان عام ماڻهو تي ڪو به اثر نه پوندو، عام ماڻهن کي متاثر ڪندڙ شين تي ٽيڪس جي معاملي تي نظرثاني ڪئي وئي آهي. مملڪتي وزير چيو ته ضمني فنانس بل معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ ۾ مدد ڏيندو. فرخ حبيب چيو ته شهباز ش??يف تياري ڪري وٺي، هاڻي ان کي حساب ڏيڻو پوندو. ش??يف فيملي جا ڪجهه ماڻهو فرار ٿيا ??هن ۽ ڪجهه عدالتن ۾ تاريخن جي پويان لڪي رهيا ??هن.
حڪومتي ميمبر ۽ اتحادي گڏجي اهو ضمني بل منظور ڪرائيندا، مخالف ڌر کي ناڪامي ٿيندي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ