اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) پا??ست??ن سارڪ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير جي تڪرار بابت ڀارتي پرڏيهي وزارت جي تر??ما?? جي ڪوڙن دعوائن ۽ تڪراري ريمارڪس کي سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته سارڪ عمل ۾ ڀارت رڪاوٽ هڪ تسليم ٿيل حقيقت آهي، پا??ست??ن ڀارتي سازشن جي ڀرپور مخالفت ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ واري امن مخالف ايجنڊا کي بي نقاب ڪندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي تر??ما?? عاصم افتخار احمد ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته پنهنجي متعصباڻي روين ۽ چارٽر جي شقن جون خلاف ورزيون ڪندي ڀارت 2016ع ۾ پا??ست??ن ۾ ٿيندڙ 19 هين سارڪ سربراهي ڪانفرنس کي روڪڻ جو ذميوار آهي.
تر??ما?? چيو ته ڀارت جو جانبداراڻو رويو علائقائي تعاون لاءِ هڪ قابل قدر پليٽ فارم کي تيزي سان غير فعال ڪري رهيو آهي. تر??ما?? چيو ته پا??ست??ن اميد ڪري ٿو ته ڀارت پنهنجي خود غرضاڻي طرز عمل تي نظرثاني ڪندو ۽ ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سارڪ عمل کي اڳتي وڌڻ جي قابل بڻائيندو. هن چيو ته جيڪڏهن ان جي راهه ۾ ايندڙ هٿرادو رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن ته پا??ست??ن ايندڙ سارڪ سربراهي اجلاس جي ميزباني لاءِ تيار آهي. تر??ما?? وڌيڪ چيو ته ڀارتي عملدارن پاران ڪو به مبهم ۽ غلط بياني والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي جي لڪائي نٿو سگهي.
تر??ما?? چيو ته ڪش??يري عوام جي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي 2018ع ۽ 2019ع ۾ گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس پاران جاري ڪيل ٻن ڪش??ير رپورٽن سميت عالمي انساني حقن جي مشينري وڏي پئماني تي دستاويزي شڪل ڏني آهي. ان کانسواءِ پا??ست??ن عالمي برادري کي والاريل ڪش??ير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين، ڪش??يري عوام ۽ پا??ست??ن ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جي باري ۾ ڪيترائي ڊوزيئرز فراهم ڪيا آهن. تر??ما?? چيو ته ڀارت کي رياستي دهشتگردي کي پاليسي طور استعمال ترڪ ڪرڻو پوندو. پا??ست??ن ڀارتي سازشن جي ڀرپور مخالفت ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ واري ان جي امن مخالف ايجنڊا کي بي نقاب ڪندو رهندو. تر??ما?? چيو ته ڀارت کي ڪش??يرين جي منصفاڻي، جائز ۽ مقامي جدوجهد جي حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو. ڀارت ڪش??يري عوام جي خواهشن جو احترام ڪندي کين گڏيل قومن جي چارٽر ۽ سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب انهن جو رد نه ڪرڻ جوڳو حق خود اراديت ڏي.