ڪراچي – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وفاقي ??ڪو??ت ڪراچي سرڪلر ريلوي جي منصوبي جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي، ڪراچي ٽرانفارميشن پلان تي عملدرآمد خوش آئنده آهي، ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ??ڪو??تن کي سياسي اختلافن جي باوجود گڏجي هلڻو پوندو، بنڊل آئي لينڊ جي منصوبي سان غير ملڪي سيڙپڪاري ايندي، اهو منصوبو سنڌ ۽ پوري پاڪستان جي لاءِ فائيمند ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ جديد سرڪلر ريلوي جي منصوبي جو سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، وڏو و??ير مراد علي شاهه، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين، بحري معاملن وارو وفاقي و??ير سيد علي زيدي، منصوبابندي وارو وفاقي و??ير اسد عمر، ريلوي وارو وفاقي و??ير اعظم سواتي به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته ڪراچي پاڪستان جي لاءِ وڏي اهميت رکندڙ آهي، سمورن وڏن ملڪن جي ترقي ۾ ڪو هڪ وڏو شهر ئي لينڊ ڪندو نظر ايندو آهي، ڪراچي جي اهميت به اهڙي طرح آهي پر بدقسمتي سان ماضي ۾ جڏهن ڪراچي ترقي طرف گامزن ٿيو ته انتشار جو شڪار ٿي ويو. وزيراعظم چيو ته اسان ڪراچي جي ترقي جي لاءِ ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان ٺاهيو ۽ وفاقي ۽ صوبائي ??ڪو??ت ڪراچي کي کڻڻ جي لاءِ گڏجي فيصلا ڪيا، ڪراچي جي ترقي صرف ڪراچي جي لاءِ نه پر پوري پاڪستان جي لاءِ فائديمند آهي، هي اهڙو شهر آهي جتي سڄي دني?? مان سيڙپڪاري اچي سگهي ٿي. وزيراعظم چيو ته ڪي سي آر جو منصوبو سڄي ڪراچي کي ملائيندو جنهن سان شاهراهن تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو. هن چيو ته گرين لائين بس سروس به اهم منصوبو آهي، ڪراچي جيڪو تيزي سان پکڙجي رهيو آهي جو ٻيو وڏو مسئلو پاڻي جي فراهمي جو آهي. واپڊا چيئرمين ان سلسلي ۾ ڳاله ڪئي اهي، هن ٻڌايو ته ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي جو منصوبو وقت سر مڪمل ٿيندو ۽ ٻن سالن جي اندر اندر ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو حل ٿي ويندو، وزيراعظم چيو ته سياسي اختلافن جي باوجود سنڌ ۽ ملڪ جي خاطر ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ??ڪو??تن کي گڏجي هلڻو پوندو، هن سنڌ جي وڏي و??ير کي مخاطب ٿيندي چيو ته بنڊل آءِ لينڊ جي منصوبي جو ٻيهر جائزو وٺي، ان منصوبي سان ڪراچي ۾ سيڙپڪاري ايندي، وزيراعظم چيو ته شهرن جي پکيڙ سان مختلف قسم جا مسئلا پيدا ٿيندا آهن ۽ ڪنهن به شهر جو انتظام هلائڻ ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو آهي، لاهور کي بچائڻ جي لاءِ جهڙي طرح اسان راوي سٽي ٺاهي رهيا آهيون، اهڙي طرح ڪراچي ۾ به منصوبن جي ضرورت آهي، اسان کي هاڻي کان مستقبل جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي منصوبابندي ڪرڻ پوندي ٻي صورت ۾ ڪا به ??ڪو??ت مستقبل ۾ مسئلن کي منهن ڏيڻ جي قابل نه هوندي. وزيراعظم چيو ته بنڊل آئي لينڊ جي منصوبي ۾ غير ملڪي سيڙپڪار ۽ سمنڊ پار پاڪستاني سيڙپڪاري لاءِ تيار آهن، پاڪستان کي ان سيڙپڪاري جي سخت ضرورت آهي، وزيراعظم چيو ته مون کي خوشي آهي ته ڪراچي ٽرانفارميشن پلان تي عمل ٿي رهيو آهي، ڪراچي جي نالن جي صفائي ۽ رستن جي تعمير تي به ڪم جاري آهي. وزيراعظم چيو ته وڏا منصوبا ان لاءِ مڪمل ناهن ٿيندا ڇو ته انهن ۾ مشڪلاتون هونديون آهن ۽ سياسي ??ڪو??تون ان کي مڪمل ڪرڻ جو عزم ناهن رکنديون ان لاءِ اهي منصوبا ڦاسجي ويندا آهن، وفاقي ۽ صوبائي ??ڪو??تن کي ڪراچي سرڪلر ريلوي جي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پوري طرح ڪوششون ڪرڻيون پونديون. وفاقي ??ڪو??ت ان سلسلي ۾ پوري طرح پرعزم آهي، اميد آهي ته سنڌ ??ڪو??ت به ڀرپور تعاون ڪندي. .
وفاقي حڪومت ڪراچي سرڪلر ريلوي جي منصوبي جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج